حيدرآبادي چٽڻي

شيون:

ساوا ڌاڻا (سنها ڪٽيل ) 1 ڳڙي

ڦودنو (سنها ڪٽيل ) 1 ڳڙي

ساوا مرچ 6 عدد

گدامڙي جو رس 1پيالي

زيرو (سڄو) 1 چمچو

ڳاڙها مرچ (سڄا)3 عدد

ٿوم کلن سميت 4 ڳڙيون

لوڻ ذائقي موجب

طريقو:

سڀ کان پهرين زيرو،ڳاڙها مرچ ۽ ٿوم تئي تي ڀڃو، پوءِ بلينڊر ۾ ساوا ڌاڻا، ڦودنو ساوا مرچ، گدامڙي جو رس ،پيٺل مصالحو ۽ لوڻ وجهي سٺي نموني بلينڊ ڪيو. ڪجهه منٽن ۾ مزيدار حيدرآبادي چٽڻي تيار آهي، توهان هن کي چانورن سان گڏ کائو ڀاڄيءَ جي ضرورت نه پوندي.

You might also like