ڪاش حيدرآباد انتظاميا اک پٽي ها!

اعجاز چانڊيو

نيٺ ٿيو اهو جنهن جو ڊپ هو، مون پنهنجي پونئين بلاگ ۾ لکيو هو ته موسميات کاتو برساتن جي اڳڪٿي ڪري بار بار وارننگ ڏئي رهيو آهي ته برساتن جو زوردار سلسلو اچڻ وارو آهي، ان لاءِ تياري ڪئي وڃي، پر حيدرآباد انتظاميا اک نه پٽي، رحمت مثل برسات، شهرين لاءِ زحمت بڻجي وئي.

سنڌ ۾ لڳاتار هلندڙ شديد گرمي ماڻهن جو ڄڻ ساهه سڪائي ڇڏيو هو، اتر، لاڙ توڙي ٿر ۾ پئي مٽي اڏامي ۽ پاڻي جي کوٽ، انسانن، جانورن، وڻن ۽ پکين پئي آسمان ڏانهن نهاريندي برسات وسائيندڙ ڪڪر جو وڏي آس مان پئي انتظار ڪيو ۽ دعائون پئي گهريون ته شل رحمت وارا ڪڪر وسن، گرمي گهٽ ٿئي ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي وڃي، وڏي انتظار کان پوءِ ڌڻي در دعائون اگهيون ۽ نيٺ آسمان تي ڪڪرن ڪر کنيو، جڏهن ڪارونجهر جي جبلن ۽ ڪراچي جي سمنڊ ڪناري کان برسات جي ڪارن ڪڪر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي ۽ ماڻهن ۾ ساهه پئجي ويو، بدين وارن کي فصلن پوکڻ لاءِ پاڻي ملڻ جي اميد پيدا ٿي، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ملڻ جي اميدن جنم ورتو.

حيدرآباد ۽ ڪراچي وارن برسات پوڻ کان پوءِ گرمي مان ڇوٽڪاري جي پئي آس رکي. خيرن سان برساتي ڪڪر سنڌ ۾ داخل ٿيا، برسات جي پهرين پيل ڪڻين کي ماڻهن نچي ڪڏي ڀليڪار ڪيو، ماڻهو ٻارن ٻچن سميت تفريحي ماڳن تي نڪري پيا، برسات ۾ ڀڄندا خوشيءَ جو اظهار ڪندا رهيا، برسات لڳاتار پوندي رهي، پر برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ لاڳاپيل اختيارين اڳواٽ ڪي به انتظام نه ڪيا هئا، برساتي نالن جي صفائي نه ڪرائي وئي هئي، انتظاميا جي اهڙي لاپرواهي جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي حيدرآباد شهر برساتي ۽ گندين نالين جي پاڻي سان ڀرجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي شهري برسات لاءِ آسمان ۾ اکيون وجهي ويٺا هئا ۽ جن پئي وڏي حب مان ڪڪرن جو انتظار ڪيو، اهي ئي ماڻهو عذاب ورچڙهي ويا، ڪاڏي ويون برسات جي اچڻ جون خوشيون، رحمت مثل برسات کي ماڻهو زحمت سمجهي منهن ڏيندا رهيا، برساتي پاڻي وڌندو ويو، جيڪو شهرين جي لکين روپين جي جوڙايل بنگلن ۾ داخل ٿي ويو، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد شهر جا هيٺانهين وارا سمورا علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا، شهر ڍنڍن ۽ ڍورن جو ڏيک ڏيڻ لڳو، گهرن ۾ پيل فرنيچر تباهه ٿي ويو، ماڻهن جا ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪيترن ئي گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، انساني زندگي مفلوج ٿي وئي.

توڙي جو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هن وقت برسات گهٽ ٿي آهي، اسان ان کان به وڏي برسات حيدرآباد ۾ ڏٺي آهي، جنهن دوران ٻيڙيون به هلايون ويون هيون، پر انتظامي نااهلي سبب هن وقت پيل برسات ۾ ماڻهن جو وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، ان جي ذميوار حيدرآباد انتظاميا آهي، مون کي انهن ڳالهه تي به حيرانگي آهي ته سنڌ جي وڏي وزير ٻن ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد جو دورو ڪيو ۽ اهو چئي هليو ويو ته برسات تمام گهڻي هئي، حيسڪو وارن بجلي بند ڪري ڇڏي، حيسڪو جو سسٽم خراب هو، ايتري پيل برسات کان پوءِ ائين نٿو چئي سگهجي ته شهر مان تڪڙو پاڻي نيڪال ڪري سگهجي ٿو، اهو آهي سنڌ جو وڏو وزير، جيڪڏهن وڏو وزير به 2006 واري برسات جو حوالي ڏئي ۽ تڪڙو برساتي پاڻي جي نيڪال کان لاچاري وارو بيان ڏئي ته پوءِ آخر برسات سبب ٿيل هيڏي وڏي نقصان جو ذميوار ڪير آهي.؟؟

شهر ۾ لڳاتار پاڻي بيهڻ ڪري ڪاروباري ۽ مزدور طبقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، بازارن، مارڪيٽن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ روڊن تي پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري شهر کلي ناهي سگهيو، مزدور طبقو ته بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، شهر ۾ ٽرانسپورٽ پڻ بند آهي، ماڻهن پنهنجون گاڏيون گهرن ۾ بيهاري ڇڏيون آهن.

حيرانگي جي ڳالهه اها به آهي ته حيدرآباد جو سرڪاري اعليٰ آفيسن جو ڳڙهه شهباز بلڊنگ جو سمورو ڪاروهنوار پڻ ٺپ ٿي ويو آهي، شهباز بلڊنگ سامهون گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، توڙي جو شهباز بلڊنگ ۾ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، روينيو سيڪريٽري، ڊي آءِ جي حيدرآباد، سنڌ انفرميشن کاتي سميت ڪيترا ئي سرڪاري دفتر موجود آهن، پر انتظاميا جي مک مرڪز جي اڳيان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، هاڻي اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن سرڪاري آفيسن جي مک مرڪز شهباز بلڊنگ سامهون پاڻي نيڪال نٿو ٿي سگهي ته پوءِ شهرين جي گهرن آڏو پاڻي ڪير نيڪال ڪندو، مون کي جي او آر ڪالوني واري ڪمشنر آفيس جي سامهون به گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل نظر آيو.

ٽن ڏينهن کان وٺي ڪمشنر حيدرآباد شهر جي مٿانهين وارن علائقن جا دورا ڪري فوٽو ڪڍرائي ميڊيا تي هلائيندو رهيو آهي، پر عملي طور تي سندس ڪارڪردگي تمام گهڻي خراب رهي آهي، ايڇ ڊي اي انتظاميا به شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، صرف اخبارن کي جاري ڪرڻ لاءِ فوٽو ڪڍرايا پيا وڃن، مٿان وري حيسڪو وارن به گهٽ ناهي ڪئي، لڳاتار 30 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪئي وئي، جنهن ڪري پمپنگ اسٽيشون نه هلي سگهيون ۽ شهر ٻڏي ويو، حيدرآباد انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن جو ثبوت ان مان ملي ٿو ته آخرڪار شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ فوج کي گهرايو ويو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ فوجي جوان هاڻي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، ڇا اهي ڏينهن به ڏسڻا هئا ته ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ وارا جوان هاڻي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ گهرايا وڃن.

هن وقت قاسم آباد جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، اهو رستو ناهي بچيل جنهن تي برساتي پاڻي بيٺل نه هجي، ٻارڙا اسڪول نٿا وڃي سگهن، نمازي مسجدن تائين نٿا پهچي سگهن، ماڻهن جي گهرن ۾ ٻن فٽن تائين پاڻي بيٺل آهي، ماڻهو بي گهر ٿي، آخر روڊن تي نڪري پيا آهن، مين واڌو واهه روڊ، شهباز بلڊنگ، گلستان سجاد واري علائقي جي سوين رهواسين روڊن تي نڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، تڪليفن جو شڪار هنن ماڻهن جو مطالبو هو ته گهرن مان پاڻي نيڪال ڪري بجلي بحال ڪرائي وڃي، بس هاڻي ماڻهن وٽ احتجاج جو اهو آخري ئي رستو وڃي بچيو آهي. اطلاع هي به آهن ته لطيف آباد جي برسات متاثر علائقن ۾ ڊپٽي ڪمشنر اعجاز علي شاهه پهتو ته متاثر ماڻهن سندس گاڏي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ کيس گاڏي مان لهڻ نه ڏنو ويو، سندس خلاف نعريبازي به ڪئي وئي.

بهرحال جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو، ڏسي ڇڏي سين حيدرآباد انتظاميا جي سگهه، ان جو اندازو به ٿي ويو ته هيڏي وڏي جوڙيل اداري ايڇ ڊي اي به شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا، مون کي اهو ڏسي به حيرت آهي ته ان اداري کان وڌيڪ ته اهي يوسي چيئرمين ڀلا آهن، جن حيدرآباد شهر جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي برساتي پاڻي کان بچائي رکيو آهي، هلندڙ برسات دوران به يوسي چيئرمين پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺل رهيا، اسان ته سدائين انهن چيئرمينن تي ڪاوڙ ڇنڊيندا رهيا آهيون، پر هن وقت حيدرآباد جا ڳوٺ لاوارث ناهن، پر حيدرآباد شهر کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي، جنهن ڪري شهري سخت عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، ماڻهن جي واهر ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

You might also like