رپورٽ: حيدرآباد: نيٺ حيدرآباد جي مالڪي ڪير ڪندو؟ عوام پريشان

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: حيدرآباد: نيٺ حيدرآباد جي مالڪي ڪير ڪندو؟ عوام پريشان
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: حيدرآباد: نيٺ حيدرآباد جي مالڪي ڪير ڪندو؟ عوام پريشان

 

حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا جي نااهلي سبب هڪ پاسي شهر جي مختلف علائقن ۾ مينهن جو پاڻي بيٺل آهي ته ٻئي پاسي قربان ڪيل جانورن جون اوجهريون، منڊيون ۽ ٻيو گند ڪچرو روڊن رستن تي پيل هئڻ ڪري شهري سخت عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد ۽ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جون دعوائون اڌوريون رهجي ويون، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي تلاءَ جا ڏيک ڏئي رهيو آهي

هوڏانهن حيدرآباد سٽي تعلقي جي علائقن اسٽيشن روڊ، سبزي منڊي، پڪو قلعو، ڪچو قلعو، عيدگاهه چاڙهي، سرفراز ڪالوني، ٽاور مارڪيٽ، چوهاڻ ڪانٽا، مصري شاهه روڊ، اسلام آباد چوڪ، اوڊين سئنيما روڊ، لياقت ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو پاڻي ۽ جانورن جي ڪيل قرباني کانپوءِ رت ۽ ٻيو گند ڪچرو پاڻي سان ملي ويو آهي، جنهن ڪري سڄي شهر ۾ ڌپ پکڙجڻ سبب ماڻهن جو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي

شهرين گهر ڪئي ته آهي فوري طور جوڳا قدم کڻي مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ قرباني جي جانورن جون اوجهريون کڻي ٺڪاڻي لڳايون وڃن جيئن هو سک جو ساهه کڻي سگهن………