شاعري اڇي کر ليتي هو

مختيار راهو

حيدر منزل!

جڏهن آئون قانون جي شاگرد جي حيثيت ۾ ڪنهن قانوني نقطي تي پنهنجي راءِ يا ڪا معلومات ونڊيندو آهيان ته کوڙ سارا سياسي دوست مختلف سياسي سواند/ جدوجهد جو حل قانوني ۽ عدالتي چاره جوئي ۾ پڇندا آهن. اِهو انتهائي مُنجهائيندڙ ٿي پوندو آهي. سڀني سياسي سوالن ڏانهن مزاحمت ۽ جدوجهد جي سوالن تي مڪمل قانوني مامري ۾ تبديل ڪري ان ڪري عدالتي ڪيس ۾ تبديل ڪجي، ان جدوجهد ۽ مزاحمت جي حاصلات کي عدالتي فيصلي جي صورت ۾ وصول ڪجي. اِهو رجحان انتهائي خطرناڪ ۽ تباهه ڪن آهي. ان سوال تي تفصيل سان بحث بعد ۾ ڪبو، اِها ڳالهه جو ٿلهه ٻڌڻ جو مقصد حيدر منزل جي وڪري ان جي ڊهڻ ۽ اتي ڪمرشل اپارٽمنٽس جي ٺهڻ بعد واري بحث کي ڏسڻ آهي، جنهن ڏينهن تي حيدر منزل تي بلڊوزر هلي رهيا هئا. اهو ڏينهن سنڌ ۾ سنڌ جي سنجيده سياسي ڪارڪنن ۾ انتهائي ڏکائيندڙ هو ۽ اها ڏک جي لهر اڃا تائين برقرار آهي. ڪجهه ماڻهن سيد خاندان جي ان وڪري واري عمل کي سندن مورثي ملڪيت جي حق سان جوڙيندي ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ته کين اِهو پورو قانوني حق آهي ته هو جيئن وڻين تيئن ڪن.

اهڙي ئي سياسي سوال کي يعني حيدر منزل جي ڊهڻ کي قانوني سوال ۾ تبديل ڪندي اهو چوڻ ته اِها هڪڙي ذاتي ملڪيت هئي ۽ مالڪ کي قانوني حق حاصل آهي جيئن وڻي تيئن ڪري.

پاڻ ان ڏک جي خبر کي چند پاسن کان ڏسون ٿا.

حيدر منزل جي تاريخي حيثيت

ان نقطي تي گهڻو ئي مواد هاڻي اچي چڪو آهي ته ان جڳهه تي ننڍي کنڊ جي وڏن سياستدانن جو اچڻ وڃڻ ۽ مختلف سياسي تحريڪن جو آغاز ٿيو. جنهن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ کان وٺي ون يونٽ مخالف تحريڪ، ڊگهين جدوجهدن کانسواءِ کوڙ ساريون گڏجاڻيون، پروگرام پڻ ٿيندا رهيا. رڳو سائين جي ايم سيد جون ذاتي تقريرون، جيڪي ان پريس يا سنڌي قوم ڏانهن موڪليون، جن ۾ اهو جملو شامل هو ته جي ايم سيد حيدر منزل تان پنهنجي تازي پريس رليز يا پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي، چيو آهي ته اهڙين خبرن سياسي اعلانن جو ڳائيٽو ئي هزارن ۾ هوندو يا مختلف سياسي ڌرين سان گڏجاڻين بعد ڪنهن تحريڪ جي آغاز لاءِ جاري ٿيل پريس رليز ۾ حيدر منزل جو ذڪر به هزارن ۾ هوندو، جڏهن تاريخ ۾ اِها جاءِ گم ٿي وڃي ڊهي وڃي ته سمجهو ان سياسي تاريخ سان جڙيل اهڙو يادگار به گم ٿي ويو. هاڻي سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهڙي نالي سان اها بلنڊنگ موجود ناهي، جنهن کي سياسي تاريخ جي اهڙي پذيرائي حاصل هئي.

قانوني سوال

حيدر منزل کي خانداني ملڪيت چورائيندڙن لاءِ عرض ته سنڌ ۾ هڪ قانون موجود آهي.

Sindh Cultural Heritage (Pres……) Act 1994 يعني سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ جو قانون، هن قانون تحت ٺهيل ڪميٽي ڪنهن به جڳهه کي ان جي ثقافتي، تاريخي، قومي، آثارن ۽ بناوت سبب ان کي تحفظ جي حامل ثقافتي ورثي جي هجڻ جو اعلان ڪندي اهڙو نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿي. اهڙي نوٽيس تحت اِها مڪمل عمارت، در، ڀتين سميت محفوظ ٿيل ثقافتي ورثو هوندو، اِهو نوٽيس گزيٽيڊ نوٽيفڪيشن هوندو.

اِها جڳهه جيڪا ڪنهن جي ذاتي ملڪيت به آهي، تڏهن به ڪميٽي ان جڳهه کي ثقافتي ورثو قرار ڏئي سگهي ٿي ۽ اهڙي جڳهه کي حڪومت ان مالڪ کي خريد ڪندي يا مالڪ اهڙي جڳهه کي ان ڪميٽي جي تحويل ۾ ڏئي سگهي ٿو. جيئن اهڙي جڳهه جي تحفظ جو انتظام ٿئي. هن قانون تحت ڪراچي ۾ ئي ڪيتريون ئي جڳهيون ثقافتي ورثي جو درجو رکن ٿيون. اوهان کي ياد هوندو ته سولجر بازار ڪراچي پهتي حيدر منزل جي ويجهو ئي، جقل هرسٽ اسڪول کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو هو، جنهن جي ڊاهڻ تي ڪيس پڻ داخل ٿيا هئا پر حيدر منزل کي اهڙي قسم جي ثقافتي ورثي وارو قانوني درجو حاصل نه هو.

سائين جي ايم سيد جو سياسي پس منظر اهڙو رهيو آهي جو ملڪ جي ڪا به حڪومت چاهيندي به سندس رهائشگاهه کي قومي ورثو قرار نه ڏئي ها.

سياسي سوال:

سائين جي ايم سيد پاڪستان ۾ مظلوم قومن جي سياست ۽ سنڌ جي قومپرست تحريڪ ۾ اهڙي جڳهه والاري ٿو، جنهن ۾ جيئي سنڌ جي سياسي معنيٰ عام طرح جي ايم سيد سان لاڳاپيل سياسي ڌر لاءِ استعمال ٿئي ٿي.

حيدر منزل ويجهڙ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي آفيس پڻ رهي ۽ سيد خاندان جي سياسي سڃاڻپ جو ذريعو به رهي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پنهنجي سياسي نعري ”پنهنجي ڌرتي پنهنجو اختيار، سنڌ کپي ٿي خود مختيار“ يا صوبائي خودمختياري جي نصب العين تحت ڪم ڪندڙ سياسي پارٽي آهي.

جيڪي حيدر منزل کي بچائڻ جي مامري ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا ۽ سيد خاندان جيڪو سنڌ جي نالي تي سياست ڪري ٿو ۽ هڪ اهڙي پارٽي جيڪا سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري اِها اِهو وساري ويهي ته حيدر منزل جي ڊهڻ سان سنڌ هڪ اهم ثقافتي ورثي کان محروم ٿيندي، جڏهن سنڌ جو عام ماڻهو، سياسي ڪارڪن، جنهن جڳهه کي پاڻمرادو عزت ڀريو درجو ڏئي چڪو هجي ۽ عوامي راءِ ۾ اِها جاءِ ثقافتي، سياسي ورثي جو درجو حاصل ڪري چڪي هجي، ان کان اهڙي سياسي پارٽي، جيڪا ڪن لاٽار ڪري ۽ اهڙي عمل جي جواب ۾ اِها وضاحت ڏني وڃي ته اِها جڳهه ذاتي، خانداني ملڪيت هئي، ٻين لفظن ۾ اِهو ثابت ٿئي ٿو ته اِهو عمل عوامي راءِ، شعور کان پوئتي بيٺل آهي ۽ پاڪستان سنڌ جي رياستي قانونن کان به گهڻو پوئتي بيٺل آهي، ڇاڪاڻ رياست پاڪستان، سنڌ جي مجبوري ته سمجهه اچي ٿي پر سنڌ دوستي جي حام هڻندڙن جي خانداني مجبوري سمجهه کان مٿي آهي.

سنڌ دوست سياست جي دعويدار سائين جي ايم سيد جي پوئلڳ پارٽي سنڌ جي ساڃاهه وندن جي مطالبي ته حيدر منزل کي ڊاهڻ کان انڪاري ٿئي ته اِها سنڌ جي سياست جي حوالي سان تي پيش ڪيل ڪيس جي سار آهي ۽ جڏهن ان ڊاهه ڊوهه جي ذميوار ڌر پنهنجي بچاءَ ۾ اِهو چئي ته اِها سندن ذاتي ملڪيت آهي ته ان جو مقصد ته هو پاڪستاني رياست ۾ موجود ثقافتي ورثي جي تحفظ جي قانون کان گهٽ درجي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

ادب ۽ شاعري

سائين جي ايم سيد ادب ۽ سنڌ جي تهذيب، ثقافتي سورمن بابت لکيو ۽ سنڌ جي سياست ۾ سياسي ادب جو کوڙ سارو ورثو به ڇڏيو.

پر ڳالهه ايتري آهي ته جڏهن حيدر منزل کي ڊاٿو پئي ويو ته ان وقت عوامي آواز ٽي وي جو ساٿي اسد ممتاز رڏ ۽ ناميارو صحافي رزاق عاصي ان هنڌ تي لائيو هئا، جڏهن راق عاصي شاعري پڙهندي سنڌ جي هن ثقافتي ورثي جي ڊهڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ته بلڊر جا ڇڏيل ڇاڙتا به اتي موجود هئا، جن مداخلت ڪئي ۽ حيرت انگيز طور تي هڪ واٺي ريڪارڊنگ ۾ مداخلت ڪندي چيو ”شاعري اڇي کرتي هو“. شايد سنڌ، سچ، سونهن سڀ شاعري ئي ته آهي. اِها شاعري جيڪا ڪنهن جڳهه کي حيدر منزل جو درجو ڏئي وجهي ٿي، اتي جتي خانداني ملڪيت ۽ اگهه جو ڪو به گذر نه آهي، جتي عشق، عقل اچي پاڻ ۾ ملن ٿا. جتي قيمت سِر جو سودو آهي ۽ اهو به ڏاڍو سستو سودو ليکيو وڃي ٿو ۽ شاطر ماڻهو ٺٺول ڪندي اِهو ئي چئي سگهن ٿا ته ”شاعري اڇي کر ليتي هو“. انهن لاءِ ڄڻ شاعري واندڪائي آهي. واندن ماڻهن جو ڪم آهي، جن کي هڪ پراڻي بنگلي جي اگهه ۽ گهڻ ماڙ جديد اپارٽمينٽ جي خبر نه آهي، تن کي ساڳي شعر سان وڪامجڻ جو ٻڌائي ڇڏجي، ايوب کوسو چئي ٿو.

شهرن مزاج بدليا

خنجر وڪامجي ويا

گل ڪنهن ڪو نه خريديا

پٿر وڪامجي ويا

دل جي ٻرڻ جي ڪهڙي کوليون ويهي حقيقت

جن تي چميون ڇڏيوسين

سي در وڪامجي ويا

تون پڇ نه دلبرن جي

تون پڇ نه رهبرن جي

ڪجهه هيل هن وڪاڻا

ڪجهه پر وڪامجي ويا

You might also like