انساني سوچ ڇا مان ڇا ڪري سگهي ٿي!

يوسف جميل لغاري

انساني مزاج جو هڪ اهم پهلو هي پڻ آهي ته انسان هر ڪنهن ڪم ڪار توڙي حڪمت عملي بابت ڪاميابي جي توقع پنهنجي ذهن ۾ رکندو آهي. اهو قطعي به ممڪن ڪونه آهي ته انسان کي هر دفعي، هر جڳھ تي ڪاميابي نصيب ٿي. ها البته ڪجھ ڪاميابيون اسان جي ڪوتاهين سبب به ناڪامي جو روپ ڌاري وٺنديون آهن. مجموعي طور دنياوي ليول تائين جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته هڪ شئي پنهنجي سامهون چٽي نموني اچي پيش پئي ٿي ته ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪي اصول ضرور هجڻ کپن، وري انهن اصولن کي اپنائڻ لاءِ ڪو آدرش هجي، ڪو نظريو هو. ڪو فڪر هجي جنهن تي هلي ڪري ماڻهو پنهنجي هن مختصر زندگي کي ٻين لاءِ لاڀائتو ثابت ڪري سگهي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: رشتن جو قدر ڪرڻ سکو

ڪنهن ڏاهي چيو هو ته جهڙي سوچ تهڙي زندگي. بلڪل انهي ڳالھ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سوچ سان ئي زندگي جون نيون راهون هموار ٿينديون آهن. انهي سوچ جي هڪ ٿيڻ سان ماڻهن جو ميڙ به ٺهندو آهي ته ماڻهو اڪيلو به ٿيندو آهي. سوچ سان ئي نظريا، فلسفا، فڪر ۽ تفڪر جا رستا جڙندا ۽ ٽٽندا آهن. انساني سوچ پنهنجي معراج جو سفر تڏهن شروع ڪندو آهي جڏهن اِها سوچ انفراندي حد کي ترڪ ڪري اجتماعي ڀلائي وارو رستو اختيار ڪندو آهي. اجتماعيت طرفان تڏهن ئي پهرين وک کڻي سگهجي ٿي جڏهن سماج جو ڳوڙهو اڀياس ڪجي ٿو. انساني مزاجن کي ويجهي کان پسجي ٿو. ٻي جي درد کي پنهنجو درد سمجهجي ٿو. ڪارل مارڪس جهڙو ماڻهو ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ طبقاتي شرع کان بيزار ٿي ڪري پوري دنيا جي پورهيتن کي گڏ ٿيڻ جو چيو. کيس اهو معلوم هو ته جيستائين استحصالي قوتون موجود آهن. غريب قطعي ترقي ڪونه ڪري سگهندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڀارتي چال چڪناچور ٿيڻ واري

ڪارل مارڪس انهي فهم توڙي فڪر سان سلهاڙجي پنهنجي پوري حياتي انهي جدوجهد کي وقف ڪئي. سندس آدرش کيس دنيا جي ڳاڻاٽي ۾ امر ڪري ڇڏيو. ائين ئي وري جڏهن پاڻ آفريڪا جهڙي پوئتي پيل ڪاري نسل جي مسڪينن جي تاريخ جو جائزو وٺو ٿا ته پاڻ کي اتي به هڪ امر ڪردار نظر اچي ٿو جنهن کي دنيا نيلسن مينڊيلا جي نالي سان سڃاڻي ٿي.مينڊيلا جي جدوجهد، مستقل مزاجي ۽ اڻ کٽندڙ حڪمت عملين کيس سوڀارو ڪيو. سندس انهي فڪر جي بدولت سندس ديس جي ماڻهن کي سرهائي نصيب ٿي. سک شانتي ۽ آسائش واري زندگي ميسر ٿي ملي. ڪارل مارڪس ۽ نيلسن مينڊيلا وانگر پنهنجي ڌرتي ۽ ماروئن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ لوچيندڙ ٻه امر ڪردار اسان وٽ به رهيا آهن. جن مان هڪ جو نالو جي ايم سيد ۽ ٻيو جو نالو عبدالواحد آريسر هو.

سنڌ جا هي ٻئي يگانا عاشق پنهنجي سموري حياتي انهي آدرش سان نڀاءُ ڪندا رهيا ته من ڪو ڌرتي جو نصيب سڻائو ٿي ۽ هتان جا رهواسي سُک جو ڪو ساھ کڻن. هن وقت به سنڌ جو هر هڪ پڙهيل لکيل فرد کين قدر واري نگاھ سان ڏسي ٿو ۽ سندن جدوجهد توڙي جاکوڙ کي ساراهي ٿو ڇو ته زنده قومون پنهنجي رهبرن کي ڪونه وسارينديون آهن. اِن نموني تاريخ انيڪ مثالن سان ڀريو پئي آهي ته ڪافي سکن ستابن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن اجتماعي سوچ جي پيروڪاري ڪندي پنهنجا سڀ آسائش ڇڏيا ۽ عوامي ڀلائي واري رستي تي هلي پيا. وقتي طور کين تڪليفون به ڏسڻ لاءِ مليون پر سگهو ئي انهن جا سمورا سور لهي ويا. گهڻي تعليم وڏي ڳالھ ڪونه آهي بلڪ گهڻي سمجھ ۽ فهم توڙي فڪر وڏي ڳالھ آهي. اسان وٽ تعليمي ادارن جو وڏي ۾ وڏو الميو اِهو آهي ته اُهي ٻار کي اهو نه ٿا پڙهائن ته زندگي گذراڻ لاءِ اصول ڇو ضروري آهن. زندگي سان اصولن جو ڪهڙو لڳ لاڳاپو آهي. بنا اصولن واري زندگي کي ڪئين هجي ٿي. اصول جوڙڻ سان زندگي ۾ ڪاميابيون جون راهون ڪئين هموار ٿينديون آهن.

انهي قسم جا انيڪ سوال آهن جن جا جواب حل طلب آهن ۽ انهن جا جواب شاگردن کي ٻڌائڻ يا انهن تائين انهن ڳالهين جو علم پهچائڻ اُستاد تي فرض به آهي. پر ائين ٿي نه ٿو. اسان وٽ مجموعي طور ڪُل آبادي جو پنج فيصد ماڻهو اصولن سان زندگي کي گذارڻ جي ڪوشش ۾ آهن ۽ باقي بقايا سموري خلق هڪ بي ترتيب ۽ اڍنگي زندگي بصر ڪري رهي آهي. جنهن سبب المناڪ واقعا، حادثا، خودڪشيون، قتل، ڏاڍ جبر ۽ خبر ناهي ته الاءِ ڇا مان ڇا ٿئي ٿو. فلسفا، نظريا، زندگي جا اصول توڙي قانون، زندگي جي هن هلندڙ گاڏي کي هلڻ ۾ آسانيون فراهم ڪنديون آهن. فهم، فڪر، سوچ ويچار توڙي ابلاغ سان نيون شيون ايجاد ٿينديون آهن. پراڻا خيال، پراڻيون ريتون رسمون توڙي رواج فرسوده ٿي ڪري ناڪاره ٿيڻ لڳندا آهن. هن ڪائنات جو هڪ خودڪار ۽ اهم پهلو اِهو پڻ آهي ته ڌرتي توڙي ڌرتي کان ٻاهر هن وشال ڪاري ۽ اڻ کڻندڙ ڪائنات ۾ جيڪا به شئي موجود آهي سان پنهنجي ارتقا ڏانهن روان دوان آهي. سندس هي سفر روز ازل کان شروع ٿيو هو ۽ اڃا تائين هلي پيو. جنهن ڏينهن هي سفر مڪمل ٿيو ته ممڪن آهي هن ڌرتي سميت سموري وايو منڊل ۾ ڪو وڏو دمچر مچي پوي ۽ هر هڪ شئي فنا ٿي وڃي.

ان ايڏا ته سُست ۽ ڪاهل ٿي پيا آهيون جو جن شين جي تباهڪارين ۽ نقصان بابت ورهيه اڳ اسان کي سائنسدانن اطلاع ڏنو هو ۽ اسان کي سجاڳ رهڻ جو چيو هو اسان انهن سڀني اطلاعن کان منهن موڙي پاڻ کي ايٽمي جنگ طرف ڌڪي رهيا آهيون. اسان وٽ سڀئي اصول، سڀئي نظريا ۽ آدرش ڏوڪڙن تي وڪڙڻ لاءِ دستياب آهن. اسان جي انهي بي ترتيب رويي سبب اڄ هي دنيا تباهي جي ڪناري تي پهتي آهي.

اسان پنهنجي چمن جا پاڻ دشمن آهيون. رنگ، مذهب، نسل، ذات پات، توڙي ٻين پهلوئن کان پاڻ کي هڪ ٻي کان پري ڪري اسان هڪ مها غلطي ڪئي جنهن غلطي سبب حضرت انسان جو مان ۽ مرتبو ايترو ته خراب تصور ۾ اُڀري ڪري سامهون آيو جو انسان کي انسان کان خوف ٿيڻ لڳو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.