گوگل طرفان هواوي تي اينڊرائيڊ جي استعمال تي پاپندي جو امڪان

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) گوگل موبائيل فون ٺاهيندڙ دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي ڪمپني هواوي جي نئين ڊيزائن تي اينڊرائيڊ جي ڪجهه ايپليڪيشن جي استعمال ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي جنهنڪري هواوي جي واهپيدار سخت پريشانين جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

هواوي جي موجودا واهپيدار في الحال ايپ ۽ گوگل پلي سروس کي اپڊيٽ ڪرڻ جي اهل هوندا پر امڪان آهي ته هلندڙ سال گوگل جي ايندڙ ورزن جي لانچ ٿيندي ئي اها سهولت هواوي جي ڊيوائسز تي موجود نه هوندي.

جڏهن ته هواوي اينڊرائيڊ اوپريٽنگ سسٽم اوپن سورس لائسنس ذريعي هن نئين ورزن کي استعمال ڪري سگهندو.

آمريڪي پابندين کان پوءِ هواوي جي چيف ايگزيڪٽو رين زينگ فئي جاپاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان اڳواٽ ئي ان لاءِ تيار هئاسين.

ڪيئي ملڪن طرفان هواوي تي پهريان ئي شڪ شهبن جو اظهار ڪيو پيو وڃي ، خيال ڪيو وڃي ٿو ته چين طرفان هواوي جي شين کي نگراني لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.  ڪمپني طرفان انهن سمورن الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي.

هواوي طرفان ترديد باوجود ڪجهه ملڪن ٽيلي ڪام ڪمپنين کي 5 جي موبائيل نيٽ ورڪ ۾ هواوي جي شين جي استعمال تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

ڪمپني جي ترجمان ج چوڻ آهي ته هواوي پنهنجي ايپ جي تياري لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي.

اها پابندي ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ٽرمپ انتظاميا هواوي کي انهن ڪمپنين جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪي آمريڪي فرمز لائسنس بنا ڪاروبار نٿيون ڪري سگهن.

You might also like