هواوي 30 ملڪن سان ” فائيو جي “ ٽيڪنالوجي جا 46 ڪمرشل معاهدا ڪري ورتا

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين جي ٽيل ڪام ڪمپني هواوي 30 ملڪن سان ”فائيو جي“ ٽيڪنالوجي جي 46 ڪمرشل معاهدا ڪري ورتا آهن.

ڪمپني موجب هن دنيا ۾ سڀ کان بهتر رينڪنگ رکندڙ هڪ لک کان وڌيڪ فائيو جي بيس اسٽيشنز موڪليا آهن.

هواوي جو چوڻ آهي ته هو چين جي فائيو جي ٽيڪنالوجي واپاري استعمال لاءِ مڪمل تيار آهي، چيني ميڊيا جي رپورٽ موجب هواوي فيبروري 2018ع ۾ دنيا جي پهرين ٽرمينل ڊيوائس ۽ پهرين فائيو جي ڪال جي شروعات ڪئي هئي .

چين جي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت چائنا براڊڪاسٽنگ نيٽ ورڪ ۽ ملڪ جي ٽن بهترين آپريٽرن، چائنا ٽيلي ڪام، چائنا موبائيل ۽ چائنا يوني ڪام فائيو جي جي ڪمرشل استعمال جا لائسنس جاري ڪيا آهن.

You might also like