هيومن رائٽس واچ طرفان ايراني پارليامنٽ ۾ نئين بل جي منظوري جي آجيان

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) انساني حقن جي عالمي اداري هيومن رائٽس واچ ايراني پارليامنٽ طرفان هڪ نئين بل جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي.

بل ۾ پرڏيهين سان شادي ڪندڙ ايراني عورتن کي پنهنجن ٻارن کي شهريت منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

ايراني پارليامنٽ جي ميمبرن جي وڏي اڪثريت بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

You might also like