پوءِ هيءَ ڪرپشن ڪيئن ختم ٿيندي؟

  • چوندا آهن ته ڪوڙ جڏهن تمام گهڻو ۽ زوردار نموني ڳالهايو ويندو آهي ته اُهو ”سچ“ بڻجي ويندو آهي.
  • پاڪستان اندر اِهو تاثر انتهائي خوفناڪ حد تائين پختو ڪيو ويو آهي ته هن مُلڪ اندر صرف ۽ صرف چونڊيل حڪمران ئي ڪرپٽ آهن ۽ بس.
  • اها حقيقت رڳو نظرياتي سياسي مبصر ۽ صحافي ئي سمجهن ٿا ته هتي ”ڪرپشن“ جي پروپئگنڊا صرف ۽ صرف حُڪومتون ڪيرائڻ، حڪمرانن توڙي مخالف ڌر جي سياستدانن کي بدنام ڪرڻ ۽ انتقامي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي،
  • حقيقت ته اها به آهي ته هتان جو سماجي چونڊ ۽ پارلياماني نظام ئي ”ڪرپشن“ جي دعوت ڏئي ٿو.
  • ائين به ناهي ته رڳو اسٽيبلشمينٽ، سول حڪومتن کي ڪيرائڻ ۽ عوام جي نظر ۾ کين بدنام ڪرڻ لاءِ ”ڪرپشن“ جي پروپئگنڊا جو سهارو ورتو آهي پر خود سول حڪمرانن کان مخالف سياسي جماعتن کان انتقام وٺڻ جي شرط تي کين اقتدار جو لالي پاپ پڻ ڏنو پئي ويو آهي.
  • جنرل مشرف جنهن احتساب لاءِ ”قومي احتسابي بيورو (نئب) جو ادارو قائم ڪيو هو تنهن تاحيات صدر ٿيڻ جي نيت سان بينظير ڀٽو سان هڪ سياسي پئڪيج تي ڊيل ڪري سڀني سياستدانن جا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا هُيا.
  • ڪنهن به سماج جا فرد ته ڪرپٽ ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن سڄو سماج ۽ سڄو نظام ئي ڪرپشن جي ڪينسر ۾ وٺجي وڃي ته ڇا ان جو علاج ممڪن آهي؟
  • اصل ۾ جڏهن ڪنهن به ملڪ جو نظام آئين ۽ قانون کان مٿانهون هوندو، مافيائن جي اثر هيٺ هلندو، انصاف کان ڪُوهين ڏور هوندو ته پوءِ سڄو معاشرو ئي ڪرپٽ ٿي ويندو.
  • حقيقت ته اِها به آهي ته اسانجي ملڪ جي ”معيشيت“ ئي ”ڪرپشن“ تي بيٺل آهي جيڪڏهن حقيقي معنيءِ ۾ ڪرپشن ۾ هٿ وجهبو ته سڄو ملڪي معاشي نظام ئي ڦهڪو ڏئي اچي پَٽَ تي پوندو.
  • ويجهڙ وزيراعظم عمران خان صاحب هڪ فوجي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته ”فوج جو ادارو مون کي ان ڪري گهڻو وڻڻدو آهي جو ان ۾ خود احتسابي عمل جو نظام هوندو آهي.
  • جيڪڏهن اِها ساراهه جوڳي ڳالهه آهي ته پوءِ اهڙو خود احتسابي اختيار پارليامينٽ کي به هجڻ گهرجي، حڪومت کي به ملڻ گهرجي، پوليس کاتي ۾ به هجڻ گهرجي صرف هڪ اداري کي ڇو خود احتسابي جو اختيار هجي؟
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته رياست اندر حقيقي احتسابي اداري جو نه هجڻ به ”ڪرپشن” آهي.