آخر لاڏائو ٻار ڪيئن پڙهي سگهندو..؟؟؟

سنڌ ۾ هڪ وڏو طبقو پورهيت آهي، هڪ اهي جن جون پنهنجون ٻنيون آهن، پوکين ۽ کائين ٿا، پنهنجن گهرن ۾ رهن ٿا، پنهنجو راڄ ڀاڳ هجين ٿو، سياسي سگهه به رکن ٿا، اسپتالون ۽ اسڪول سندن ڳوٺ جي بنيادي ڪمن جو حصو هجن ٿا پر هڪ اهو طبقو آهي، جيڪو بکئي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ سدائين سفر ۾ هجي ٿو، 6 مهينا ڦلاڻي وڏيري جي ٻني، 3 مهينا ڦلاڻي هنڌ مزدوري، ڪڏهن لاب ته ڪڏهن چونڊو، ڪي عارضي ٺاهيل گهرن ۾ رهن ته ڪي عارضي جهڳيون ٺاهين، سوال آهي اهڙن لاڏائو زندگي گذاريندڙ ٻارن جي پڙهائيءَ جو؟ ڇا وقت جي حڪومت ڪو اهڙو فارمولو آڻي سگهي ٿي ته ڪولهيءَ جو ٻار سدائين مزدوريءَ ۽ هارپي ۾ ڦاٿل نه رهي.

منهنجو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃڻ ٿئي ٿو، جتي ان طبقي جي ٻارڙن کي اسڪول بجاءِ گهرن ۾ ڏسندو آهيان، يا ته راند روند، يا ماءُ پيءَ جي هنج جو حصو هوندا آهن، پوءِ مختلف سوال اٿندا آهن ته شايد والدين چاهين ٿا ته سندن ٻار به سندن ٻانهه ٻيلي ٿين پڙهندا ته وڏو پورهيو ڪرڻو پوندو، سندن فيسون، سفر، وڏي پيڙاهه ۾ وجهي ڇڏيندا، پر شايد صرف ائين ناهي، تازو ميرپورخاص ۾ ٻارڙن جي داخلا جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيم جي دوستن سان ڳالهه ٻولهه پئي ٿي ته آخر اهي ڪهڙا شاگرد آهن، جيڪي داخلا نٿا وٺن، اسڪول نٿا وڃن، يا سندن والدين کين اسڪول نٿا موڪلين، ته ذڪر آيو گهڻائي اهي ٻار آهن، جيڪي مزدور طبقي سان تعلق رکن ٿا، هارپو ڪن ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن وڏيري جي زمين تي عارضي ويٺل آهن، ڀلي انهن کي ڇو ته ڳچ عرصو ڇو نه گذريو هجي، اهڙن شاگردن کي يا ته تر جا استاد داخلا ڏيڻ کان لنوائين ٿا ته هي هوءَ ئي هليا ويندا، يا ته سندن زمينن وٽ اسڪول ناهي، يا کين ڪوئي سمجهائڻ وارو ناهي ته ڀلي جيترو عرصو رهو، ٻارڙن کي اسڪول موڪليو.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ته حڪومت کي اهڙن ٻارڙن جي پڙهائيءَ لاءِ قانون سازي ڪرڻ گهرجي، ڪو فارمولو آڻڻ گهرجي ته جيئن اهڙا ٻار پڙهي سگهن ۽ سنڌ جي تعليمي شرح 50 سيڪڙو کان مٿي به مٿي چڙهي سگهي، تعليمي وزير سيد سردار شاهه سان ماڻهن جو اختلاف به آهي، ته سندس سوچ سان اتفاق رکندڙ به موجود آهن، ڪي سندس واکاڻ ڪن ٿا ته ڪن کي سندن هر کنيل قدم اجايو ٿو لڳي ۽ هو تنقيد جا تير وڏي واڪي سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي اڇلائيندا نظر اچن ٿا، پر اميد جو هجڻ اتساهيندڙ ڳالهه آهي سو اسان به ان اميد ته هي مسئلو سندس اکين آڏو ايندو ۽ ڪا پاليسي جڙي سگهندي، جيڪا اهڙن ٻارڙن جي لاءِ تعليمي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪا ڏيٺ ويٺ ڪندي، جنجو هڪ ٺڪاڻو نه آهي، يعني يا ته هو لاڏائو آهن، بک جي باهه وسائڻ لاءِ پنهنجي امڙ ۽ بابا سان سدائين سفر ۾ آهن.

هاڻي تازو تازو نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جا پرچا پورا ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪاپي ڪلچر خلاف هڪ ڀرپور مهم هلي ۽ اهو بحث به هليو ته اوچتو رڳو امتحانن ۾ سختي ڪاپي ڪلچر جو خاتمو آڻيندي يا ان لاءِ تعليمي سرگرمين دوران ماحول کي بهتر ڪري پڙهائي کي مضبوط ڪجي ته جيئن ٻار ڪاپي ڪرڻ بجاءِ اسڪول ۾ ذهني طور باصلاحيت ٿئي ۽ کيس ان ڳالهه جي به سڌ هجي ته ڪاپي نه پر پنهنجي ذهانت سان امتحان ڏيڻو آهي.

امتحاني مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ هاڻ حڪومتي عملدارن کي وقت آهي ته هو ايندڙ سال لاءِ ڪو حڪمت عملي جوڙين، جنهن لاءِ ادب جي گذارش ڪبي ته اهڙن ٻارڙن جي پڙهائي لاءِ جامع قانون سازي ڪئي وڃي ته هو شاگرد ڪيئن پڙهندا.

You might also like