هيٽ اسٽروڪ کان ڪيئن بچجي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر ۾ گرم هوائن ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي، هيٽ ويو واري لهر چار مئي تائين جاري رهندي. ڪراچي ۽ ڀرپاسي گرمي جي شدت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، سمنڊ کان هلندڙ ٿڌين هوائن جي جاءِ تي شهر ۾ گرم خشڪ هوائن ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي.سخت گرمين جي هن موسم ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته لڪ لڳڻ يا هيٽ ويو اسٽروڪ جو خدشو موجود هوندو آهي جنهن ۾ متاثر ترت طبي امداد نه ملڻ جي صورت حياتي به وڃائي سگهي ٿو، ان لاءِ اڄ اسان اوهان اهڙيون ڪجهه احتياطي تدبيرون ٻڌائي رهيا آهيون جن تي عمل ڪرڻ سان لُڪ ۽ هيٽ ويو کان پاڻ بچائي سگهجي ٿو.

احتياطي تدبيرون:

ڏينهن جي تپش ۾ ٻاهر وڃڻ کان پرهيز ڪريو.

لُڪ کان بچڻ لاءِ رومال يا ڪپڙو پاڻي ۾ پسائي مٿي ٿي رکو.

اس کان بچڻ لاءِ چٽي جو استعمال ڪريو.

پاڻي يا ٿڌا شربت واپرايو.

شروعاتي طبي امداد:

ترت ڪنهن به ڇانو واري هنڌ ليٽائي ڄنڪهن کي جسم کان مٿي رکو.

ٿڌو پاڻي يا شربت پياريو.

گردن، ڪرائي، بغلن ۽ مُرين تي ٿڌي پاڻي جون پٽيون رکو.

گرمي پد معمول تي آڻڻ لاءِ پکي جو استعمال ڪريو.

هيٽ اسٽروڪ جون علامتون:

سخت گرمي ۽ تپش کان متاثر شخص کي لُڪ لڳڻ سبب مٿي ۾ سور محسوس ٿيندو آهي ۽ کيس چڪر اچ۾ڻ شروع ٿيندا آهن. گھڻي اُڃ سان گڏوگڏ الثي محسوس ٿيندي آهي، جسماني ڪمزوري سان گڏوگڏ اعصابي ڇڪ جي شڪايت ٿيندي آهي. اوڇتو ٿيز بخار ٿيندو آهي جنهن سان جلد خشڪ، گرم ۽ ڳالڙهي به ٿيڻ لڳندي آهي، اڪثر مريض بيهوش به ٿي ويندا آهن.

You might also like