گرمين ۾ صحتمند ڪيئن رهجي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گرميءَ جي موسم جو شروع ٿي وئي آهي ۽ موسميات جي ماهرن مطابق هن سال به ريڪارڊ ٽوڙ گرمي جو امڪان آهي.

سردي جي موسم جي مقابلي ۾ گرمي جي موسم گهڻين بيمارين سان ايندي آهي.

جيتوڻيڪ هيءَ گرم موسم هئڻ سان گڏوگڏ خشڪ  به هوندي آهي. عام طور تي گرميءَ جي موسم ۾ گهٻراهٽ ٿيندي آهي ۽ تمام گهڻي اڃ لڳندي آهي پگهر به ايندو آهي.

اهڙي حالت ۾ جسم جي توانائيءَ کي برقرار رکڻ تمام گهڻو ضروري آهي. ان کان علاوه شديد گرمي ۾ هيٽ اسٽروڪ جو به سڀ کان گهڻو خطرو هوندو آهي جنهن ۾ متاثر شخص کي تمام گهڻو پگهر ۽ چڪر اچڻ لڳندا آهن.

بلڊپريشر تمام گهٽ ٿي ويندو آهي جنهن ۾ مريض سست ۽ بي حال نظر ايندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي فورن اسپتال موڪلڻ گهرجي نه ته جان به وڃڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

شديد گرميءَ ۾ هنن هدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.                         

غذا: صحت جي اصولن واري صورت ۾ اهڙي ڪا به شيءَ استعمال نه ڪريو جيتوڻيڪ گرمي جي موسم ۾ غذا جي حوالي سان تمام گهڻي احتياط ڪرڻ  جي ضرورت هوندي آهي.

ٿوري به غلطي انسان جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. غذائيت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرميءَ جي موسم ۾ مرغيءَ مصالن ۽ کٽين شين جو استعمال ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ٺيلن تي وڪرو ٿيڻ وارين غير معياري شين جو استعمال بلڪل نه ڪرڻ گهرجي.

ان کان علاوه اهڙن ميون جو استعمال گهڻي ۾ گهڻو ڪريو جنهن ۾ پاڻيءَ جو مقدارگهڻو ۽ اثر ٿڌو هجي.

جنهن ۾ ڄمون، انب، انگور ۽ ڇانهون هن موسم جا بهترين ميوا شامل آهن. ان کان علاوه ونگا، گدرا، ڇانهون ۽ فاروا وغيره

جسم ۾ گرمي جي درجي کي وچولي درجي تي آڻڻ جي لاءِ بيحد فائديمند ثابت ٿيندو آهي. شربتن ۾ صندل جو شربت، ڦارون جو شربت ۽ ليمي پاڻيءَ کان علاوه ڏنل ميون جو تازو جوس گهڻي ۾ گهڻو استعمال ڪرڻ گهرجي.

 گرمين ۾ چهري جي حفاظت:

چهري جي چمڙي انتهائي نازڪ هوندي آهي شديد گرمين ۾ سج جي تيز ڪرڻن ۽ ان جي تپش مان چمڙي خراب ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.

جيتوڻيڪ ڏينهن ۾ 5 کان 6 دفعا ٿڌي پاڻيءَ سان چهرو ڌوئيندا ڪريو ۽ اکين تي پاڻي هڻو. اس ۾ نڪرڻ کان پهرين سن بلاڪ جو استعمال ضرور ڪريو.

لباس جي باري ۾ هدايتون:

گرمي جي موسم ۾ خاص طور تي سوٽي، صاف سٿرا ۽ ويڪرا آرام ڏيندڙ لباس پهريو ۽ گرم ڪپڙن کان پرهيز ڪريو. گرمي ۾ اڇي رنگ جو لباس اس کان محفوظ رکندو آهي ان کان علاوه هلڪن رنگن جا لباس به فائديمند آهن. جيتوڻيڪ هن موسم ۾ تيز رنگن جا لباس نه پائڻ گهرجن ڇو ته تيز رنگ سج جي گرميءَ کي جذب ڪندا آهن.

اس ۾ نڪرڻ جي متعلق هدايتون:

گرمين جي تيز اس ۾ گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي. تيز اس ۾ ٻاهر نڪرڻ سان سج جا ڪرڻا سنئون سڌو انساني جسم ۾ داخل ٿي قوت مدافعت تي خراب اثر ڇڏين ٿا.

اس ۾ نڪرڻ کان پهرين سن گلاسس ۽ ڇٽيءَ جو استعمال لازمي ڪريو ۽ پاڻ سان گڏ پاڻيءَ جي بوتل ضرور رکو.

طبي ماهرن جي مطابق شديد گرمي ۽ تپندڙ اس ٻارن ۽ پوڙهن ماڻهن جي لاءِ گهڻو نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري انهن کي تيز اس ۾ ٻاهر نڪرڻ نه ڏيڻ گهرجي .

گرمي جي موسم ۾ احتياط ڪرڻ ۽ هدايتن تي عمل ڪرڻ سان هر شخص گرمي جي موسم ۾ پنهنجي پاڻ کي وڏي حد تائين بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.

نوٽ هيءَ مضمون عوامي آواز جي هفتوار ” سنڊي مئگزن“ ۾  تاريخ 2019-06-02 تي شائع ٿيو.

You might also like