سڻڀي جلد جي سار سنڀال ڪيئن ڪجي…پڙهندا خبر ۾

انساني جلد کي ان ۾ موجود هارمون ڪنٽرول ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن هامونز جي ڪارڪردگي ۾ ڪنهن سبب ڪو خلل پيدا ٿئي يا توازن نه رهي ته جلد جا مسئلا جنم وٺندا آهن. آئلي اسڪن جلد جي قسمن ۾ خشڪ جلد کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ ٻيو قسم آهي. ۽ گرمين ۾ خاص طور تي ان قسم جي جلد وارن ماڻهن کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڪجهه ماڻهن جي جلد قدرتي طور تي آئلي هوندي آهي. ان کان سواءِ جلد آئلي هجڻ جو سڀ کان وڏو سبب هارمونز ۾ تبديلي به آهي. انهن هارمونز جي حد کان وڌيڪ سرگرمين سبب سڻڀ پکڙجي ويندو آهي جنهن ڪري انساني جلد بليڪ هيڊز، داڳن ۽ ايڪني جهڙن مسئلن جو شڪار ٿي ويندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: وارن جي سار سنڀال ڪيئن ڪجي…؟ ڏسو هن خبر ۾

جن ماڻهن خاص ڪري ڇوڪرين جي جلد 14 کان 15 ورهين جي عمر کان سڻڀي ٿي وڃي ۽ مختلف مسئلا پيد ٿيڻ لڳن ۽ جيڪڏهن ان وقت ئي مناسب سار سنڀال ۽ احتياط ڪرڻ شروع ڪري ڇڏجي ته آئلي جلد جي مسئلن کي قابو ڪري سگھجي ٿو.

آئلي اسڪن ڪيئر ٽپيس

جيڪڏهن اوهان جي جلد به آئلي آهي ۽ اوهان ان جي مناسب سار سنڀال نٿا ڪرڻ چاهيو ته هيٺ ڏنل آئلي اسڪن ڪيئر ٽپس تي عمل ڪيو ۽ پنهنجي جلد کي خوبصورت ۽ پرڪشش بڻايو.

1        سڻڀي جلد تي صابڻ، ڪريم يا لوشن جو استعمال نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو. ان ڪري جلد کي ڌوئڻ لاءِ عام صابڻ، لوشن يا ڪريم بدران جيڪڏهن ڪنهن سٺي ڪلينزنگ صابڻ جو استعمال ڪيو وڃي ته بهتر آهي.

2        سڻڀي جلد وارن ماڻهن کي سڻڀيون ۽ تريل شيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ڇو جو سڻڀين ۽ تريل شين جي استعمال سان معدو واڌو سڻڀ جو مقدار هضم هاهي ڪري سگھندو ۽ سڻڀ جلد جي سوراخن مان خارج ٿيڻ لڳندو آحي. مٺين ۽ سڻڀين غذائن بدران پنهنجي روز مرهه جي غذا ۾ ميون، ڀاڄين ۽ پاڻي جو استعمال وڌيڪ ڪرڻ گھرجي.

3        آئلي اسڪن ڪيئر ماسڪ: سڻڀي جلد جي حفاظت لاءِ فيشل ماسڪ ۽ صفائي لاءِ اسٽيم گھڻي فائديمند آهي. ماسڪ جي استعمال سان اوهان موهيڙن، ايڪني، وائيٽ ۽ بليڪ هيڊز جهڙن مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھو ٿا. ماسڪ جو استعمال سڻڀي جلد جي حفاظت جو سستو ۽ سولو طريقو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.