وارن جي سار سنڀال ڪيئن ڪجي…؟ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وار عورتن جي خوبصورتي جو هڪ اهم جز هوندا آهن جن جو خيال رکڻ گھڻو ضروري هوندو آهي ۽ انهن کي خوبصورت رکڻ لاءِ عورتون هر طرح جون ڪوششون ڪنديون آهن پر هيٺ بيان ڪيل عادتون اپنائي وارن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگھجي ٿو.

تحقيق موجب 74 سيڪڙو عورتن جو چوڻ آهي جنهن ڏينهن هنن جا وار رُکا ۽ خراب نظر ايندا آهن ان ڏينهن هنن اندر خود اعتمادي گھڻي گھٽ ٿي ويندي آهي جڏهن ته جنهن ڏينهن سندس وار خوبصورت هوندا ۽ سٺا نظر ايندا آهن ته خود اعتمادي به وڌي ويندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: هٿ به اوهان جو ڌيان گھرن ٿا

هاڻ سوال اهو آهي ته انهن کي خوبصورت، سهڻو ۽ جاذب نظر ڪيئن بڻائجي؟

سڀئي عورتون زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ ضرور انهن مسئلي کي منهن ڏينديون آهن جن مان وارن جو ڪرڻ، رُکو ٿي وڃڻ، ڪمزور ۽ سنهڙا وار شامل آهن، ڄاڻايل مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان پنهنجي روز مرهه جي شيڊول ۾ هيٺ ڄاڻايل عادتون شامل ڪندئو ته اوهان جا وار جلد ئي خوبصورت ٿي ويندا.

 1 وهنجڻ کان اڳ وار ضرور  ڇڏايو

وهنجڻ کان اڳ وار ڇڏائڻ وارن کي مضبوط بڻائيندو آهي ڇو جو آلن وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ سان وارن ٽٽڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي، ان ڪري وهنجڻ کان اڳ وار ڇڏائڻ کي پنهنجي عادت بڻايو، ائين ڪرڻ سان جسم ۾ رت جي رواني به بهتر ٿي ويندي آهي.

 2  ڪنڊشنر ڪرڻ جو طريقو

گھڻيون عورتون وارن ۾ ڪنڊشنر جو استعمال ته ڪنديون آحن پر هنن کي اهاخبر ناهي هوندي ته ڪنڊشنر کي استعمال ڪرڻ جو صحيح طريقو ڇا آهي؟

سڀ کان اڳ ڪنڊشنر کي تري ۾ کڻي وارن جي وچولي حصي ۾ لڳايو ان کان پوءِ ڪنڊشنر کي آخر تائين کڻي وڃو ۽ وارن جي هيٺان لڳايو پوءِ ڪنڊشنر کي وارن جي پاڙن ۾ به لڳايو ڇو جو وارن جي پاڙن کي به ان جي ضرورت هوندي آهي، ڪنڊشنر کي گھٽ ۾ گھٽ 1 منٽ تائين وارن ۾ لڳائي رکو.

3 گرم پاڻي سان وارن نه ڌوئو

هلڪي گرم پاڻي سان وار ڌوئڻ وارن لاءِ نقصان جو سبب ناهي هوندو، جيتوڻيڪ وارن کي تيز گرم پاڻي سان ڌوئجي يا ته اهي ڪمزو ۽ رکا ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي چمڪ به ختم ٿي ويندي آهي.

4 وارن کي سڌي ريت سج جي روشني کان بچايو

جيڪڏهن اوهان کي ائين لڳندو آهي ته سج جا خطرناڪ شعاع يعني يو وي ريز رڳو انسان جي جلد لاءِ نقصان جو سبب بڻبا آهن ته اهو غلط آهي، سج جي شعاع سڌي ريت وارن تي پوڻ سان وار سخت متاثر ٿيندا آهن ۽ اهي پنهنجو قدرتي  رنگ به وڃائي ويهندا آهن تنهنڪري گھر کان ٻآهر اُس ۾ نڪرڻ وقت وارن کي اسڪارف يا رئي سان ضرور ڍڪيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: وارن کي اڇو ٿيڻ کان بچائڻ جا گھريلو نسخا

ويهاڻي جي چادر

وارن جي خراب ٿيڻ جو هڪ وڏو سببب اهو به هوندو آحي ته اوهان کهري چادر واري ويهاڻي تي مٿو رکي سمهندا آهيو، کهرو ڪپڙو وارن جي مٿين سطح جنهن کي ڪيوٽيڪل چوندا آهن ان کي خراب ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي، جيڪڏهن ٿي سگھي ته ويهاڻي جي چادر جو ڪپڙو ريشم (سلڪ) جو هجي ته بهتر آهي، ان سان وارن جا ڪيوٽل ٺيڪ رهندا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.