ايڊز ڪيئن پکڙجي ٿي؟

نظام الدين

ايڊز Acquired Immunodeficiency syndrome  هڪ وائرسي مرض آهي، جيڪو هڪ وائرس ايڇ آءِ وي Human Immunodeficiency Virus جي ڪري ٿئي ٿو.

هن مرض جون علامتون ايڇ آءِ وي جي موجودگي کان پورا ڏهه سال پوءِ ظاهر ٿينديون آهي. ايڇ آءِ وي جڏهن انسان جي مدافعتي نظام Human Immune System کي تباهه ڪندي آهي ته اسان چونداسين مريض ايڊز ۾ متبلا آهي.

 مدافعتي نظام Immune system  لعابي سرشتي lymphatic system تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ رطوبتي ڳنڍ Lymph nodes هڏي جا مِک، تري Spleen اچي وڃن ٿا.

هڏي جا مِک رت جا اڇا جزا White Blood cells ٺاهيندا آهن، جيڪي جسم جي وڏي ۾ وڏي لعابي عضوي تري spleen جي شڪل ۾ موجود آهن، اهي بيمارين خلاف جسم جو ڀرپور دفاع ڪندا آهن ۽ ڪجهه جزا جن کي ٽي سيل T-cell چيو ويندو آهي، اهي متاثر ۽ سرطاني گهرڙن کي تباهه ڪندا آهن.

اميون سسٽم ۾ ڪي اهڙا به جزا آهن، جن ۾ لئمفوسائٽ ۽ ليڪوسائيٽ اچي وڃن ٿا، اهي جسم کي بيمارين کان بچائيندا آهن. ايڇ آءِ وي وائرس جسم جي انهن جيو گهرڙن کي ختم ڪندا آهن، جن جي ڪري وائرس ۽ بيمارين جو حملو آساني سان ٿيندو آهي.

ايڇ آءِ وي جو آخري مرحلو ايڊز آهي، جنهن جون نشانيون  (جڏهن ايڇ آءِ وي حملو ڪندي آهي ته ان جي پهرين ٻئين مهيني اندر نشانيون ظاهر ٿينديون آهن، جن کي ابتدائي نشانيون چيو ويندو آهي، انهن نشانين ۾) بخار، مٿي جو سور، مشڪن جو سور، سنڌن جو سور،  نڙي ۽ وات ۾ زخم، ڳچي جي لعابي غدودن جو سوڄ اچي وڃن ٿا.

 ايڇ آءِ وي جو آخري مرحلو ايڊز آهي، جيڪا ايڇ آءِ وي جي حملي کان پوءِ ڏهن کان پندرهن سالن جي عرصي ۾ ٿئي ٿي، ايڊز جون نشانيون آهن رات جو پسائيندڙ پگهر، بار بار بخار جو اچڻ، دائمي دست، وات ۽ زبان ۾ شدتي داغن چٽن جو ظاهر ٿيڻ، شديد ٿڪاوٽ، وزن جو گهٽجي وڃڻ، چمڙي تي ڌڪ جا نشان ٺهڻ اچي وڃن ٿا.

ايڇ آءِ وي جي پکڙڻ جا سبب ايڇ آءِ وي جنسي لاڳاپا به ٿي سگهن ٿا، جڏهن هڪ صحتمند ماڻهو ڪنهن متاثر ماڻهو سان جنسي عمل ڪندو آهي ته ان جي مقعد، رحم يا وات جي طرف کان داخل ٿيندي آهي، هم بستري دوران ان جي جسم مان مرض زده رت، نطفو يا رحم جي رس وسيلي جراثيم منتقل ٿيندا آهن، انڪري ايڊز ۾ مبتلا ماڻهن سان جنسي لاڳاپا قائم نه ڪرڻ گهرجن، ايڇ آءِ وي ان ماڻهو تي جلدي حملو ڪندي آهي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ جنسي لاڳاپا هجن،

خاص ڪري مقعدي لاڳاپن سان جلدي پکڙجي ٿي، رحم جي هم بستري جي مقابلي ۾ رت جي منتقلي سان به ايڇ آءِ وي جراثيم پکڙجندا آهن، جڏهن ته هڪ ايڇ آءِ وي جو شڪار مريض ڪنهن ٻئي مريض کي رت ڏيندو آهي ته متاثر جي رت ۾ شامل جراثيم رت وسيلي ان مريض ۾ شامل ٿيندا آهن.

انجيڪشن، ٽڪن جي استعمال سان به هي جراثيم هڪ متاثر شخص کان ٻئي ۾ منتقل ٿيندا آهن،  جڏهن رڳ ۾ انجيڪٽ ڪيل سرنج ۽ نيڊل وري ڪنهن ٻئي مريض تي استعمال ڪيون وڃن. نون ڄاول ٻارن ۾ هي جراثيم متاثر ماءُ جي پيٽ وسيلي منتقل ٿيندا آهن يا وري کير پيئارڻ دوران به منتقل ٿيندا آهن.

You might also like