فائنل ڪير به کٽي، ڪرڪيٽ نئين تاريخ ضرور لکندي

شاهه رخ علي سنديلو

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 پنهنجي دلچسپ ۽ ننهن چوٽيءَ جي مقابلن کانپوءِ پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهي ۽ رڳو هڪ ميچ کانپوءِ ڪرڪيٽ جي دنيا جي نئين حڪمران جو فيصلو ٿي ويندو.

92ع واري فارميٽ ۾ ٿيل هن ميگا ايونٽ ۾ ميزبان انگلينڊ جي ٽيم ته فيوريٽ هئي ئي پر نيوزيلينڊ جي ٽيم به پاڻ ملهايو، جنهن ڪيترن ئي لاهن چاڙهن کانپوءِ عالمي ڪپ جي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽرائي.

انگلينڊ 9 رائونڊ ميچن مان 6 ۾ ڪاميابي ماڻي 12 پوائنٽن سان سڌي ريت ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهيندڙ ٽين ٽيم بڻي پر ڪيويز لاءِ ٻُڏتر جي صورتحال هئي، جيتوڻيڪ پاڪستان ٽيم جون به رائونڊ ميچن جي پڄاڻيءَ تي 11 پوائنٽون هيون پر قسمت جي ديوي نيوزيلينڊ تي مهربان رهي ۽ انهن بهتر رن ريٽ جي بنياد تي فائنل فور ۾ انٽري ڪئي.

سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري ٻئي فائنلسٽ ٽيمون اهڙن ملڪن سان واسطو رکن ٿيون، جن ڪڏهن به عالمي ڪپ کٽڻ جو اعزاز ناهي ماڻيو.

ڪرڪيٽ ايجاد ڪندڙ انگلينڊ جي ٽيم ان کان اڳ 3 ڀيرا ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي چڪي آهي پر بدقسمتي سان ٽئي ڀيرا ٽائيٽل نه کٽي سگهي.

انگلينڊ آخري ڀيرو 1992 ۾ ورلڊ ڪپ فائنل کيڏيو هو ۽ ان وقت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ گرين شرٽس گورن کي شڪست ڏئي سندن ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.

ان کانپوءِ انگلينڊ کي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ 27 ورهيه ڊگهو انتظار ڪرڻو پيو پر هن ڀيري ميزبان ٽيم جي فارم ۽ هوم گرائونڊ جي ايڊوانٽيج کي نظر ۾ رکندي اهو چئي ٿو سگهجي ته ڪرڪيٽ جا باني نئين تاريخ لکڻ کان رڳو هڪ وِک پوئتي آهن.

ڳالهه ڪجي نيوزيلينڊ ٽيم جي ته اها به آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيمن جي فهرست کان ٻاهر آهي، ڪيوي ٽيم ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ان کان اڳ رڳو هڪ ڀيرو گذريل ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي هئي ۽ آسٽريليا هٿان عبرتناڪ شڪست کائي ميگا ايونٽ جو ٽائيٽل کٽڻ کان محروم رهي.

ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي ايونٽ ورلڊ ڪپ 2019 جو فائنل آچر ڏينهن ڪرڪيٽ جي گهر لارڊز ۾ کيڏيو ويندو ۽ جيڪا به ٽيم کٽي پر اها ڳالهه واضح آهي ته ڪرڪيٽ هڪ نئين تاريخ لکڻ وڃي رهي آهي.