رپئي جي ملهه ۾ رڪارڊ لاٿ، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 154 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي( رپورٽر) ڪيترن ئي ڏينهن کان آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ملهه مسلسل ڪري رهيو آهي ۽ روزاني پاڪستاني ڪرنسي ۾ لاٿ ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل معاهدن کانپوءِ پاڪستاني ڪرنسي جي ملهه ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو هو. افواهن ۽ خدشن کي نظر ۾ رکندي انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ پرڏيهي ڪرنسين ۽ خاص ڪري ڊالر جي خريداري ڏٺي پئي وڃي جنهن سبب رپيو شديد دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ مسلسل بي قدر ٿي رهيو آهي. اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ ٻه رپين کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ملهه 152 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر ٻن رپين جي اضافي کانپوءِ 153 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته صورتحال اها آهي ته مارڪيٽ ۾ ڪو به ڊالر وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.  چئن ڏينهن دوران رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر 10 رپين جي لڳ ڀڳ مهانگو ٿيو آهي جنهن سبب پاڪستان تي پرڏيهي قرضن ۾ هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، هوڏانهن مفتي تقي عثماني چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ نفعي ۽ ذخيره اندوزي جي مقصد سان ڊالر جي خريداري شرعي طور گناهه ۽ ملڪ سان بي وفائي آهي

You might also like