صوبائي وزير تعليم جا مونجهائيندڙ فيصلا !

يوسف جميل لغاري

پهرين جولائي کان جئين ئي اُسڪول کليا آهن ته اُنهي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم قاضي شاھد پرويز جن جا عجيب ۽ غريب فيصلا ۽ اعلان منظر عام تي سوشل ميڊيا وسيلي پهچن ٿا. جولاءَ کان پهريان تعليم جي صوبائي وزير اسيمبلي ۾ بيان ڏنو هو ته ڏيڍ لک استادن مان هڪ لک استاد آڱوٺي ڇاپ آهن.

سندس انهي بيان تي سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ساڃاھ وندن طرفان سُٺو ردعمل ڏيکاريو ويو. جنهن کان پوءِ تعليم جو وزير پنهنجي ئي بيان تان ڦري ويو. اُن کان پوءِ اسڪولن جي کلڻ شرط ئي ٻيو بيان ڏنو ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي اندر نين ڀرتين جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. پر اتفاق سان اهو هفتو پورو ٿيو پر استادن جي نون ڀرتين جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي کين آفر آڊر ملي سگهيا.

اِن کان علاوه عمرڪوٽ ۾ رٿيل داخلا مهم پروگرام ۾ شرڪت مهل تعليم جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم اهو بيان پڻ ڏنو ته هر هڪ تعلقي ۾ استادن جي خالي پيل جڳهن تي آي بي اي پاس بقايا اميدوارن کي به ڀرتي ڪيو ويندو. انهي بيان کان پوءِ ڪافي اميدوار پنهنجا گهربل ڪاغذات کڻي ڪري پنهنجي لاڳاپيل ضلعي هيڊڪواٽر ويا جتان کين اهو جواب مليو ته تعليم جي وزير جو اهو بيان صرف بيان تائين ئي محدود هو. کين آفيشل ڪوبه حڪم نامي مليو جنهن جي بنياد تي هو اميدوارن کان ڪاغذ وصول ڪن. سنڌ جي شعور سان هي هڪ قسم جي مزاق ڪئي وئي.

هڪ ئي هفتي ۾ ائين هر ڏينهن هڪ نئون تازو توانو بيان ڏئي ڪري اهو تاثر ڏنو ويو ته تعليم جي اعليٰ اختيارن جو تعليم طرف رويو سنجيده آهي. ليڪن جڏهن سندن انهن اعلانن ۽ فيصلن جو جائزو وٺجي ٿو ته اِهي صرف اعلانن تائين ئي محدود هجن ٿا. تعليم جي سيڪريٽري قاضي شاھد پرويز لياري ۾ تعليم جي هڪ گڏجاڻي ۾ اهو پڻ اعلان ڪيو ته جن استادن کي پڙهائڻ نه ٿو اچي انهن کي ٽن مهينن اندر نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو. سندس انهي بيان به سنڌ اندر گهڻن استادن ۾ مايوسي واري لهر پيدا ڪري ڇڏي.

جئين ته هر ڏينهن نئون بيان جاري ڪرڻ ته هنن واڳ ڌڻين جو معمول ٿي ويو آهي ۽ انهن فيصلن توڙي اعلانن تي ڪهڙي ريت عمل ڪيو ويندو. انهن لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي تعليم کاتي وٽ آهي. اِها سڄي ڪارگذاري واضع ڪونه آهي. هي اعلان به سياسي اعلان ئي هجن ٿا. هنن اعلانن کان پوءِ نه ئي تعليم کاتي ۾ ڪا چر پر نظر اچي نه ٿي ۽ نه ئي ڪا بهتري جي اميد. انهن مونجهائيندڙ اعلانن جي جاءِ تي جيڪڏهن حڪومت سنڌ تعليم کاتي سان سنجيده ٿي ڪري ڪا حڪمت عملي واضع ڪري ۽ انهي تي عمل پيرا ٿي ڪري ڪجھ ڪري ته پوءِ بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي.