ڪراچي ۾ تيز برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل رات کان ٿيل برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

گراچي ۾ گذريل ڏينهن کان جاري تيز برسات ڪراچي ۾ نظام زندگي کي ڊاوانڊول ڪري ڇڏيو جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، برسات سبب هر هنڌ پاڻي ئي پاڻي آهي ۽ شهر جي حالت خراب آهي، ڪيترائي روڊ ندين ۽ نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳا ۽ هيٺين علائقن ۾ پاڻي گھرن داخل ٿي ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب ڪراچي ۾ 2 ڏينهن جي برسات دوران مختلف حادثن ۾ عورت سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

اورنگي ٽائون جا ڪيترائي علائقا پاڻ هيٺ اچڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته شرين پاڪ فوج کان مدد جو مطالبو ڪيو آهي، منظور ڪالوني به نالو وهڻ سبب رهائشين کي سخت ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته گجر نالي جو پاڻي ايف سي ايريا جي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ علائقي واسي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.

ڪراچي جي علائقي صدر جي زيب النسا اسٽريٽ جي مارڪيٽن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي ۽ الڪيٽرانڪ مارڪيٽ به پاڻي هيٺ اچي وئي آهي جڏهن ته روڊن تان ريسڪيو ٽيمون گم آهن.

برسات جي نتيجي ۾ شهري جي ڪيترن ئي علائقن جون شهرائون پاڻي هيٺ اچي چڪيون آهن جڏهن ته پاڪ فوج ۽ رينجرز جا دستا به مدد لاءِ ميدان ۾ اچي ويا ۽ ماڻهن جي مدد ۾ مصروف آهن.

موسميات کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌ کان وڌ برسات سرجاني ٽائون ۾ 150.69 ملي ميٽر رڪارڊ ٿي جڏهن ته پهلوان ڳوٺ 111، مسرور بيس 110، فيصل بيس 121، گلشن حديد 149، نارٿ ڪراچي 78 ۽ صدر ۾ 86 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.