نيٺ حيدرآباد ٻڏي ويو.!

امتياز چانڊيو

برسات ته آسمان مان وسندڙ خدا جي رحمت هوندي آهي، پر اسان وٽ انتظاميا جي نااهلي ڪري پيل برسات رحمت بدران زحمت بڻجي وئي، موسميات کاتي بار بار پئي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي، انڊيا مان برساتن جو وڏو سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي وارننگ ڏئي ان جي اڳ ۾ تياري لاءِ پئي بار بار انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سوشل ميڊيا، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪيترن ڏينهن کان بار بار اهي خبرون هلي رهيون هيون ته برسات پئي اچي، انتظاميا برساتي پاڻي جي نيڪال جي اڳواٽ تياري ڪري ته جيئن ماڻهن کي ٿيندڙ نقصان کان بچائي سگهجي، ايترن طرفن کان ايندڙ اطلاعن باوجود مجال جو حيدرآباد انتظاميا ان طرف ڪو ڌيان ڏنو هجي، ساڳي ڪن لاٽار، لاپرواهي ۽ سستي وارو رويو، نيٺ ٿيو اهو جو سومر واري رات ڪٽڪ جي برسات اچي شروع ٿي، بجلي گم ٿي وئي، حيدرآباد انتظاميا سمهي رهي، برسات جا راڱا، سومرو وارو سڄو ڏينهن برسات جو وسارو، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو حيدرآباد پاڻي سان ٻڏي ويو.

روڊن، رستن، گهرن، آفيسن، بنگلن توڙي ننڍن گهرن ۾ فٽ جيترو پاڻي داخل ٿي ويو، روڊن تي ٻن کان ٽن فٽن تائين پاڻي بيهي ويو، گاڏيون پاڻي ۾ ڦاسي پيون، انساني زندگي مفلوج ٿي وئي، شهر جون سموريون پمپنگ اسٽيشون بند ٿي ويو، بجلي ٻن ڏينهن تائين لڳاتار غائب ٿي وئي، پر ڪو به ذميوار جيڪو برساتي پاڻي جو نيڪال ڪرائي پئي سگهيو، روڊ تي نظر نه آيو، حيدرآباد کي حيسڪو چيف، واسا چيف، ميئر، ڪمشنر ۽ ڊي سي هٿ وٺي ٻوڙائي ڇڏيو. برسات دوران ته پاڻي نيڪال نه ٿيو، پر ٻئي ڏينهن به روڊن، رستن ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي بيٺل رهيو، جنهن ڪري ماڻهو سخت پريشاني ۾ اچي ويا، ماڻهن جو لکين روپين جو فرنيچر پاڻي ۾ ٻڏي ويو.

قاسم آباد ته اڳ ۾ ئي ننڌڻڪي بڻيل آهي، پر برسات پوڻ دوران ته قاسم آباد جو حال تمام گهڻو خراب ٿيو آهي، ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي، قاسم آباد جي ٻڏڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي پونم پيٽرول پمپ کان واڌو واهه کي ڪٽ هنيو ويو. هوڏانهن لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي سمورن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ 30 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم بجلي بند ڪئي وئي، جنهن ڪري موٽر نه هلي سگهيا، هڪ ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ ٻيو مٿان وري پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، جنهن ڪري ماڻهو ٻڏي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا.

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته برسات کان اڳ پنهنجا بند مضبوط ڪرڻ گهرجي، پر اسان وٽ ٿيندو ائين آهي ته پهريان برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ناهي ڪئي ويندي، جڏهن برسات پوندي آهي ۽ شهر ٻڏي ويندو آهي ته پوءِ انتظاميا هاءِ گهوڙا ڪري پاڻي جي نيڪال لاءِ فنڊن جي گهر ڪندي آهي، تيستائين پاڻي ماڻهن جو نقصان ڪري ويندو آهي ۽ فنڊ تڏهن جاري ٿيندا آهن، جڏهن برساتي پاڻي سڪي ويندو آهي ۽ ايندڙ فنڊ ڪاغذي ڪارروائي جي رخ چاڙهي هڙپ ڪيا ويندا آهن، هن وقت به ائين ٿي پيو آهي، ساڳي روش حيدرآباد انتظاميا جي، برساتي پاڻي ماڻهن کي سخت پريشان ڪيو آهي، پر عملي طور تي هن وقت تائين انتظاميا پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، حيدرآباد جي ميئر به واسا کي حيدرآباد ٻڏڻ جو ذميوار قرار ڏئي پنهنجي جان آجي ڪري ڇڏي آهي.

حيدرآباد ۾ اڃا به وڌيڪ برساتن پوڻ جي اڳڪٿي آهي، جيڪڏهن وڌيڪ برسات ٿي ته حيدرآباد جي حالت تمام گهڻي خراب ٿيندي، تنهن ڪري اعليٰ اختيارين کي ان جو سخت نوٽيس وٺي حيدرآباد جي ماڻهن کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي، برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ۽ حيسڪو کان لڳاتار بجلي بند رکڻ جو جواب پڇيو وڃي.

You might also like