ڀارتي رياست بهار ۾ قهر جي گرمي، 49 ڄڻا فوت ٿي ويا

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار ۾ سخت گرمي سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ 49 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب صحت کاتي جي اعليٰ عهديدار وجئي ڪمار جو چوڻ هو ته اهي فوتگيون ٽن ضلعن ۾ ٿيون آهن، جتي گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ هو.

هن ٻڌايو ته مگادار ريجن جي ٽن ضلعن ۾ 49 ماڻهو فوت ٿيا، اهو علائقو خشڪي جو به شڪار هو، ڇنڇر ڏينهن ٻي پهري مهل اهو افسوس ناڪ واقعو سامهون آيو ۽ هيٽ اسٽروڪ سان متاثر ماڻهو اسپتال پهتا.

عهديدار جو چوڻ هو ته اڪثر ماڻهو ڇنڇر جي رات فوت ٿيا ۽ ڪجهه فوتگيون آچر جي صبح ٿيون.

صورتحال بابت آگاهي ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته اورنگ آباد ۾ موجود سرڪاري اسپتال ۾ وڌيڪ 40 متاثر ماڻهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، هيٽ اسٽروڪ کان متاثر وڌيڪ مريض اسپتال پهچي رهيا آهن، جن جو علاج جاري آهي ۽ جيڪڏهن گرمي جو اهو سلسلو جاري رهيو ته وڌيڪ ماڻهو مرڻ جو خدشو آهي.

عهديدار ٻڌايو ته متاثر ماڻهن جي عمر 50 ورهين جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال پهچي رهيا آهن، کين بخار، ڊائريا ۽ اُلٽي جي شڪايت آهي.

فوتگين جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 27 ماڻهو اورنگ آباد، 15 ڄڻا گيا، جڏهن ته 7 ڄڻا نواڊا ضلعي ۾ فوت ٿيا.

هوڏانهن بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار متاثر خاندانن لاءِ هر هڪ 4 لک ڀارتي رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.