روشن سنڌ منصوبي جي جاچ راولپنڊي منتقل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سولر لائيٽس لڳائڻ واري منصوبي ۾ مبينا اربين رُپين جي ڪرپشن جي جاچ راولپنڊي منتقل ڪرڻ خلاف درخواست تي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سولر لائيٽس لڳائڻ واري ”روشن سنڌ“ منصوبي ۾ مبينا اربين رُپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب منصوبي جي 3 ڀيرا ڪراچي ۾ جاچ ڪئي، جڏهن 3 ڀيرا جاچ مڪمل ٿي ته پوءِ معاملو راولپنڊي ڇو منتقل ڪيو ويو؟ نيب چيئرمين کي اختيار ناهي ته جاچ ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪري.

نيب اختيارين عدالت کي آگاهي ڏني ته سولر لائيٽس لڳائڻ جي حوالي سان 4 ارب رُپين جو روشن سنڌ منصوبو آندو ويو، جنهن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي آهي بجلي منصوبي ۾ سول انجنيئر کي ڪم جي سار سنڀال لاءِ لڳايو ويو.

عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان 6 آگسٽ تي جواب طلب ڪندي جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

سامونڊي زمين الاٽمينٽ ڪيس،  مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين جي ضمانت ۾ واڌ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.