سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻدڻي،جاچ آفيسر کي ڇنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ،  وفاقي گهرو وزير ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

عدالت 22 آگسٽ تائين گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ڏيندي چيو ته  مايوس نھ ٿيو گم ٿيل ماڻهو واپس اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو تھ توهان ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن، جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، سڀني شهرن جون رپورٽون هڪ جهڙيون کڻي اڇو ٿا.

ايڊووڪيٽ اسلم جاويد چيو تھ شهري ناصر ، فيض ۽ معاذ بابت ٻڌايو ويو آهي ته هو ڪي پي جي تحويلي مرڪز ۾ آهن.

هن چيو تھ جيڪڏهن انٽرپول ذريعي پرڏيهه کان جوابدارن کي پاڪستان آڻي سگهجي ٿو تھ هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ ڇو نٿو آڻي سگھجي.

عدالت ظفر اقبال ، محمد ياسين ۽ ٻين جي مبينا گم ٿيڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like