پوءِ سنڌ حڪومت چوندي ته پاڻي نٿو ملي ته ڪوڪا ڪولا پي ڇڏيو….

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي 23 مئي تي طلب ڪري ورتو ۽ جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا آهن ته هر گذرندڙن ڏينهن سان گڏ ڊيم جي لاڳت ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي پوءِ سنڌ حڪومت چوندي ته پاڻي نٿو ملي ته ڪوڪا ڪولا پي ڇڏيو؟

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪوتم جي رريي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي 23 مئي تي طلب ڪري ورتو ۽ گڏوگڏ ئي عدالت نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت چيف سيڪريٽري سنڌ جو بيان ريڪارڊ ڪرڻ جو فيصلو به ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد کان پڇاڻي تي ٻڌايو ويو ته نئين گاج ڊيم ضلعي دادو ۾ بڻجندو جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته چيف سيڪريٽري دادو جي زمين سيراب ڪرڻ ۽ عوام کي پاڻي جي ضرورت ناهي بابت  بيان ڏئي.

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت، جن ضلعن ۽ ماڻهن جو زمينون زرخيز ڪرڻ چاهي ٿي، ان بابت اسان کي خبر آهي، ڇا سنڌ حڪومت اهو ئي ٿي چاهي ته عدالت ۾ نالا کنيا وڃن، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته  باقي عوام ڀلي مري وڃي فرق نه پوندو.

هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته سنڌ وارن کي پاڻي نه گهرجي ته انهن جي مرضي، چيف سيڪريٽري جي بيان بعد عدالت پنهنجن حڪمن تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي، ممڪن آهي ته ڊيم اڏاوت جي حڪم تي به نظرثاني ڪري، عدالت هاڻ پاڻ ڪو به بار نه کڻندي.

ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته نئين گاج ڊيم منصوبو 26 اربن جو هو، جيڪو 46 ارب تائين پهچي چڪو آهي جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت ايڪنڪ جو فيصلو به قبول ناهي ڪري رهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڊيم جي لاڳت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پوءِ سنڌ حڪومت چودي ته پاڻي نٿو ملي ته ڪوڪا ڪولا پي ڇڏيو؟

عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي 23 مئي تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

5 مارچ تي سپريم ڪورٽ نئين گاج ڊيم جي فوري اڏاوت جو حڪم ڏيندي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي واپڊا کي فنڊ جي بروقت فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي هئي.

You might also like