هاشم آملا ڪرڪيٽ ڇڏي ڏني

 

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين بيٽسمين هاشم آملا عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو.

36 ورهين جي ساڄڙي بيٽسمين عالمي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي.

هاشم آملا 28 نومبر 2004ع ۾ ڀارت خلاف ميچ سان ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو، هن 124 ٽيسٽ ميچن ۾ 46.64 جي ايوريج سان 9282 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 28 سينچريون ۽ 41 ففٽيون شامل آهن، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس بهترين اسڪور 311 رهيو.

ڏکڻ آفريڪي اوپنر ون ڊي ڪيريئر جي شروعات 2008 ۾ بنگلاديش خلاف ميچ سان ڪئي ۽ 181 ون ڊي ميچ ۾ 27  سينچرين ۽ 39 ففٽين جي مدد سان 8113 رنسون ٺاهيون.

You might also like