هانيا عامر تي ٽوڪ ياسر حسين کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا هانيا عامر گذريل ڏينهن انسٽاگرام پوسٽ ۾ چهري جي داڻن بابت ڏکيائين جو ذڪر ڪيو هو، جنهن تي ياسر حسين مٿس ٽوڪ ڪئي ۽ هاڻ اداڪار کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هانيا عامر ڪجهه تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون هيون، جنهن ۾ هن پنهنجي جلد جا مسئلا مداحن سان شيئر ڪيا، جڏهن ته اهو به ياد ڏياريو ته هوءَ هڪ سيلبرٽي آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته هن کي پنهنجي زندگي ۾ مسئلا پيش ناهن ايندا، ان کان پوءِ ياسر حسين پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوريز ذريعي مداحن کي موقعو ڏنو ته هو کائنس سوال پڇي سگھن ٿا.  ان تي هڪ مداح ياسر حسين کان سوال ڪيو ته هو هانيا عامر کي هڪ لفظ ۾ بيان ڪري، جنهن تي ياسر حسين هانيا کي ”داني دار“ چيو.  ان کان پوءِ هانيا عامر ياسر جو اهو جواب پنهنجي انسٽاگرام تي شيئر ڪندي لکيو ته ”منهنجي دوست کي معاف ڪجو“ کيس اڄ ڪالهه نامناسب ڀوڳ ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي. هانيا جي ان جواب مان چٽو ظاهر ٿي رهيو هو ته کيس ياسر جو اهو ڀوڳ بلڪل پسند نه آيو.  اداڪارا کانسواءِ سوشل ميڊيا تي به ٻين ماڻهن به ياسر حسين کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو. واهپيدارن ياسر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته ڳالهه اها آهي جو ڀوڳ ڪرڻ ۽ ٽوڪڻ ۾ گھڻو فرق هوندو آهي. واهپيدارن جو چوڻ هو ته ياسر ڪڏهن به نه سکي سگھندو، هنن ياسر کي ڪڏهن به پسند ناهي ڪيو، هو جڏهن به ڳالهائيندو آهي بيڪار ئي ڳالهائيندو آهي، ان کان پوءِ ياسر حسين هاميا عامر جي ناپسنديدگي تي معافي گھرڻ بدران هڪ ٻيو نامناسب جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ ٽوئيٽر تي هن جو نالو ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل ٿي ويو. ياسر حسين لکيو ته بس دوست چئي ڇڏيو ان ڪري لکيو هيو، اهو ڀوڳ نه هو، ايڪني (acne) کي اردو ۾ داڻو چوندا آهن.  هانيا ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ پنهنجي انسٽا ڪهاڻي ۾ لکيو ته ماڻهو ڪنهن جي عدم تحفظ کي مذاق بڻائيندا آهن ۽ اها خراب ڳالهه آهي، ماڻهن کي سمجهڻ گھرجي ته ڪنهن جي خوف تي ٽوڪ ڪرڻ صحيح ناهي، ڪنهن کي عجيب محسوس ڪرائي گھڻو سمارٽ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گھرجي، ڪنهن کي ذليل ڪرڻ مذاق ناهي هوندي.

You might also like