ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي، خدا تي يقين آهي: حمزا شهباز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مان ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي، نيب کي چئلينج ڪيو هو ته ڪرپشن جو هڪ به ثبوت پيش ڪيو ته آئون سياست ڇڏي ڏيندس.

نيب طرفان گرفتاري کان پوءِ ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز جو بيان سامهون آيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته آئون پاڪستاني قوم کي مخاطب ڪري چوان ٿو ته ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي، خدا جي ذات وڏي آهي، آئون گنهگار آهيان ۽ نيب کي چيلينج ڪيو هو ته ڪرپشن جو هڪ به ثبوت ڏيکاريو ته آئون سياست ڇڏي ڏيندس.

هن چيو ته زرداري صاحب ڪالهه گرفتار ٿيو ۽ هڪ ڏينهن اڳ ئي ٻڌايو ويو ته سڀاڻي زرداري صاحب گرفتار ٿي ويندو، منهنجو سوال اهو آهي ته مون بابت نيب چيئرمين حڪم ڏئي چڪو آهي ته مون کي گرفتار ڪرڻو آهي؟

حمزا شهباز چيو ته مون لاءِ جيل نوان ناهن، پاڪستاني قوم لاءِ سوال ڇڏي وڃي رهيو آهيان ۽ قوم اهو ڏسي ته نيب چيئرمين جاويد اقبال جي انٽرويو موجب بدنيتي تي ٻڌل خواهش پوري ٿئي ٿي يا حمزا شهباز کي انصاف ملي ٿو، نيب ۽ نيازي جي ڳٺ جوڙ اڄ ثابت ٿي وئي آهي، مون کي خدا تي پورو يقين آهي.

You might also like