رپورٽ: هالاڻي: هاليپوٽا برادري جي ماڻهن پاران سول اسپتال عملي خلاف ڌرڻو

رپورٽ: هالاڻي: هاليپوٽا برادري جي ماڻهن پاران سول اسپتال عملي خلاف ڌرڻو
رپورٽ: هالاڻي: هاليپوٽا برادري جي ماڻهن پاران سول اسپتال عملي خلاف ڌرڻو

 

هالاڻي ۾ هاليپوٽا برادري جي ماڻهن پاران سول اسپتال انتظاميا جي ناانصافي خلاف احتجاج ڪيو ويو

محمد رضمان، صاحب خان ۽ غلام فريد هاليپوٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندن نوجوان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ سبب هنن جي ويتر حالت خراب ٿي وئي

سندن چوڻ هو ته زخمين کي فرسٽ ايڊ نه ملڻ ڪري هو فرش تي ڦٿڪندا رهيا پر ڪير به دوا ٽڪي ڏيڻ وارو نه جنهن ڪري کيس ڪراچي ڏانهن نيو ويو آهي

احتجاج ڪندڙن صحت کاتيي جي وزير عذرا پيچوهو کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي سول اسپتال جي گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري ماڻهن جون حياتيون بچايو وڃن…………….

 

 

 

 

You might also like