ٿولهه جو سبب بڻجندڙ عادتون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جديد دور ۾ زندگي جي بدلجندڙ ڪاروهنوار سبب جتي اسان جي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي آئي اتي ئي کاڌي پيتي جا طور طريقا ۽ عادتون به اثر انداز ٿيون ۽ ڪجهه مسئلا پيدا ٿيا جن مان ” ٿولهه “ گذريل ڪيئي ورهين کان توجهه جو موضوع رهيو.

ويجهڙائي ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب اهي ماڻهو تيزي سان ٿولهه جو شڪار ٿين ٿا،  جيڪي پنهنجو گهڻو وقت ٽي وي آڏو گذاريندا آهن، طبي ماهرن موجب ٽي وي آڏو جسم متحرڪ ناهي هوندو ۽ ويٺي ويٺي ڪيلوريز ۾ واڌ ٿيندي آهي.

طبي ماهرن موجب اسڪرين آڏو انساني دماغ کي پيٽ ڀرجي وڃڻ جا سگنل پندرنهن کان ويهه منٽن بعد ملندا آهن، اهڙي ريت واڌو پندرنهن ويهه منٽن جو کاڌو انسان کي ٿلهو ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي.

طبي ماهرن موجب پروفيشنل ماڻهن وٽ ايترو وقت ناهي هوندو جو هو سڄو ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ رات ۾ هڪ صحت بخش کاڌو تيار ڪري سگهن ته هو فاسٽ فوڊ استعمال ڪندا آهن جنهن جو گهڻو استعمال صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.

طبي ماهر ٿولهه جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ لڳاتار تحقيق ڪندا پيا اچن ۽ هو هر دور جي لحاظ کان تحقيق جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ” صحت لاءِ هاڃيڪار علامتن“ جو ذڪر ڪندا آهن، پر ان باوجود اهو واضح آهي ته جسماني وزن ۾ واڌ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، تنهنڪري ٿولهه جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪجهه سببن کي ضرور ذهن ۾ رکو.

ٿولهه جا ڪجهه سبب

1

 ورزش نه ڪرڻ

ورزش نه ڪرڻ ٿولهه جو ڪجهه سببن منجهان سڀ کان وڏو سبب آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجو گهڻو وقت ٽي وي، ڪمپيوٽر اسڪرين يا ويڊيو گيمز کيڏيندي گذاريندا آهن انهن ۾ ٿولهه جو خطرو وڌي ويندو آهي. سڄي ڏينهن جو گهڻو وقت ويهي گذارڻ ٿولهه جو شڪار بڻائي ڇڏيندو آهي.

2

 ننڊ جي کوٽ

ماهرن موجب رات جو 6 کان 7 ڪلاڪ سُمهڻ هر ڪنهن لاءِ نهايت اهم آهي، ننڊ جي ڪمي جسم ۾ موجود مختلف هارمونز تي اثرانداز ٿيندي آهي جيڪا ٿولهه جو سبب بڻجندي آهي.

3

جنڪ فوڊ ۽ شربتن جو گهڻو استعمال

جنڪ فوڊ ۽ ڪوڪ جهڙن شربتن جو گهڻو استعمال به وزن ۾ واڌ ۽ ٿولهه جو سبب بڻجندو آهي، ميون ۽ سبزين جو گهٽ استعمال خوراڪ کي غيرمتوازن بڻائي ڇڏيندو آهي.

تنهنڪري ٿولهه کان بچڻ ۽ سٺي صحت لاءِ خوراڪ ۾ تمام ضروري شين جو مناسب مقدار ۾ هئڻ ضروري آهي. پنهنجو وزن چيڪ ڪرڻ ۽ خوراڪ تي ٿورو ڌيان ڏيڻ، هلڪي ورزش، پسار ۽ بک رکي ماني کائڻ سان توهان ٿولهه جهڙي بيماري کان محفوظ رهي سگهو ٿا.

You might also like