زلزلي سبب ٺهندڙ جزيرو 6 سالن کان پوءِ  گم ٿي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڄ کان 6 سال اڳ بلوچستان ۾ آيل زلزلي کان پوءِ عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هڪ جزيرو هاڻي هوريان هوريان تقريبن مڪمل طور تي گم ٿي چڪو آهي.

24 سيپٽمبر 2013 تي بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ ان زلزلي وڏي تباهي آندي هئي ۽  مارجي ويلن جو انگ 400 کان 600 ٻڌايو ويو هو. آوران کان علاوه بلوچستان جي ٻيا 6 علائقا به متاثر ٿيا هئا جنهن جري ريڪٽر اسڪيل تي شدت 7.7 هئي.

ان سانحي کان پوءِ گوادر وٽ هڪ جزيرو ظاهر ٿيو جنهن کي ڪوهه زلزلا جو نالو ڏنو ويو هو.زلزلي کان پوءِ ماڻهن جي وڏي انگ ان کي ڏٺو هو. ماهرن جو خيال هو ته ان جزيري تي هائيڊروڪاربنز موجود ٿي سگھن ٿا ڇو جو 2010ع ۾ هنگول ويجهو پاڻي ۾ به اهڙو ئي هڪ زلزلو آيو هو جنهن سبب ميٿين گيس خارج ٿي رهي هئي.

هاڻي ناسا جي خلائي تصوير ذريعي ظاهر ڪيو ويو آهي ته هوريان هوريان سمنڊ ۾ ويندڙ جزيرو مڪمل طور تي گم ٿي چڪو آهي ۽ ثبوت جي طور تي ان جي تصوير به جاري ڪئي وئي آهي. ناسا موجب ان جاءِ تي ٻرندڙ جبل (Volcano) آهي جنهن سبب جزيرو ظاهر ٿيو هو.

جيتوڻيڪ هاڻي به اهو تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي پر جزيري جي ڌنڌلي تصوير مان ظاهر آهي ته جزيرو هاڻي پاڻي هيٺ اچي چڪو آهي.

پاڻي جي سطح تي ظاهر ٿيل کان پوءِ ڪوه زلزلا جي ڊيگھه 20 ميٽر ۽ اونچائي 135 فٽن تائين نوٽ ڪئي وئي هئي.

ناسا زميني مشاهدي جي سيٽلائيٽ ارٿ آبزرونگ ون ۽ لينڊ سيٽ 8 اها تصوير ورتي آهي ۽ ماهرن ان تي گھري نظر رهيا هئا.

يو ايس جيالوجيڪل سروي ( يو ايس جي ايس) جي پروفيسر بل برنارٽ ايران ۽ پاڪستان جي زلزلي جو ماهر آهي. هن موجب ذمين تي گھٽ پاڻي ۾ ميٿين، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيد ۽ ٻيا مايا موجود آهن. زلزلي سبب اهو نظام متاثر ٿيندو آهي ۽ مٿي اٻري پوندو آهي.

واضح رهي ته مڪران ويجهو ٽئي زميني  پليٽون گھڻيون سرگرم آهن ۽ ان سبب ان خطي ۾ زلزي جو خطرو هن وقت به موجود آهي. انهن ٽيڪٽونڪ پليٽن ۾ يورپي، عربين ۽ ايشين پليٽون شآمل آهن.