سائي مصالي سان فرائي ٿيل جيرا

شيون :

جيرا هڪ عدد

ساوا مرچ پنج عدد

ساوا بصر  هڪ پاءُ

ٽمٽا هڪ پاءُ

ڳاڙها مرچ ضرورت موجب

لوڻ ضرورت موجب

ٿوم هڪ ڳڙي

ساوا ڌاڻا هڪ موڙي ۽ گيهه ضرورت موجب.

پچائڻ جو طريقو: ڪليجي سٺي طرح صاف ڪريو، ديڳڙي ۾ ٿوم ۽ جيرا وجهي ان ۾ پاڻي وجهي گيهه وجهو ۽ فرائي ڪرڻ دوران ڪجهه منٽن کان پوءِ ان ۾ بصر  سنها ڪَٽي وجهو، جڏهن جيرا پچڻ لڳن ته ان ۾ ساوا بصر ساوا مرچ ٽماٽا ڳاڙها مرچ ۽ لوڻ وجهو، ڪجهه دير پچڻ ڏيو جيڪڏهن پاڻي سڪي وڃي ته ان ۾ ساوا ڌاڻا وجهي گهر وارن آڏو پيش ڪيو.

You might also like