يونان گهمڻ آيل سياح طوفان جي ور چڙهي ويا

 

ايٿنز (ويب ڊيسڪ) يونان جي اترين حصي ۾ آيل طوفان جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته اربع ۽ خميس جي وچين رات هلندڙ طوفاني هوائن سبب گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا زخمي به ٿيا.

فوت ٿي ويل سمورا ماڻهو سياح هئا، جن جو واسطو چيڪ جمهوريا، رومانيا ۽ روس سان هو.

طوفان سبب وڏي پئماني تي مالي نقصان پڻ ٿيو، جڏهن ته سياحن لاءِ مشهور ٻيٽ جهڙو خالڪيڊيڪي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو.

You might also like