مٺو انگور کائڻ سان گڏوگڏ چهري لاءِ به فائديمند….

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انگور ۾ اينٽي اوڪسي ڊنٽ وڏي مقدار ۾ موجو آهي، ان ۾ وٽامن بي، سي ۽ ڪي به ڏٺو ويندو آهي، انگور ۾ موجود فيٽي ايسڊ ڪولاجن ٻڌائيندو آهي.

 ان انگور مان ٺاهيل فيس پيڪ چمڙي جي لاءِ فائديمند هوندو آهي، جيڪو چمڙي کي جوان ۽ صحت مند بڻائيندو آهي، هي فيس پيڪ ٺاهڻ لاءِ سائي ۽ ڪاري ٻنهي قسمن جا رنگ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

 موهيڙن جي لاءِ انگور گلينڊ ڪري پيسٽ بڻايو متاثر جڳهه تي هڻو، ٿوري دير لڳو رهڻ ڏيو ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو. انگور ۽ ڏهي جو پيڪ ٺاهڻ لاءِ 3 کان 4 ڪارا انگور پيسٽ ڪيو ان ۾ هڪ چمچو ڏهي ملائي ڪجهه ڦڙا ليمي جي رس جا شامل ڪيو منهن ۽ ڳچي تي هڻو، 20 منٽ تائين لڳائي رکو پوءِ منهن پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.

انگور ۽ صوف جو فيس پيڪ

انگور ۽ صوف ٻنهي ۾ اينٽي اوڪسي ڊنٽ موجود آهي، صوف جي ڪجهه ٽڪرن کي پيسٽ ڪريو، سٺي نموني مڪس ڪري صاف منهن تي هڻو، اڌ ڪلاڪ لڳائي رکو ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو، ان جو پابندي سان استعمال چمڙي کي ڳاڙهو ۽ اڇو بڻائيندو.

 ماکي ۽ انگور جو فيس پيڪ

 انگور جو ڳر سٺي نموني پيهي پيسٽ ڪيو ۽ ان ۾ هڪ چمچو ماکي جو ملائي سٺي نموني مڪس ڪري منهن تي لڳايو. اهو پيسٽ منهن تي 20 منٽن تائين لڳائي رکو پوءِ ڌوئي ڇڏيو، ان جي  باقاعده استعمال سان چمڙي چمڪدار بڻجي ويندي.

You might also like