حڪومت جو وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق سکيرا جي برطرفي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق سکيرا جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان بحالي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مشتاق سکيرا جي وفاقي ٽيڪس محتسب طور برطرفي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق سکيرا بحال

ذريعن موجب وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪندي، جنهن لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ۽ انصاف واري وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.