سرڪار بيوس ،ڊالر اگهه ملڪي تاريخ جي بلندترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي/اسلام آباد ( رپورٽر+ بيورو+ م ڊ ) اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ ڀيرو وري مهانگو ٿي ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ايڪسچينج ڪرنسي ايسوسيئشن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2.25 رپيا مهانگو ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڊالر جو ملهه 146 رپيا 25 پئسا ٿي ويو جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي هدايت تي ايڪسچينج ريٽ کي فري ڪرڻ جي خبرن تي مارڪيٽ مان آمريڪي ڊالر غائب ٿي ويو، ڄاڻايل هدايت تي ڊالر جي طلب ۾ اضافو ٿي ويو جنهن سبب ماڻهو وڏي پئماني تي خريداري ڪري رهيا آهن، هنن جو اهو به چوڻ آهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي افواهن تي بازار ۾ ڊالر غائب ٿي ويو آهي، سيڪريٽري جنرل ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن ظفر پراچا  چيو آهي ته ماڻهو ڊالر خريد ڪري رهيا آهن پر ان جي مارڪيت مان غائب ٿيڻ تي اسٽيٽ بئنڪ نوٽيس وٺي،ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر عبدالله ذڪي چيو ته رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي ته ان جا منفي اثر هر شعبي تي پوندا، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي، واضح رهي ته حڪومت ۽ آءِ ايم آيف وچ ۾ معاهدي کان اڳ ڊالر جو ملهه 141 کان 142 جي وچ ۾ رهيو جڏهن ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر جي ملهه ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. ان کانسواءِ صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ايمنيسٽي اسيڪم به لاڳو ٿي وئي آهي. هوڏانهن حڪومت مارڪيٽ کان وڌيڪ ڊالر وڪرو ڪندڙ ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، رپئي جي مقابلي ۾ غير ملڪي ڪرنسين جي قدر ۾ اضافي جي حوالي سان وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين، گورنر اسٽيٽ بئنڪ، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي آءِ بي کان علاوه  سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جو وفد به شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ ايمنسٽي اسڪيم تحت اثاثا ظاهر نه ڪندڙن خلاف تجويز ڪيل ڪارروائي تي به غور ڪيو ويو، اجلاس دورن بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊالر جي مارڪيٽ قيمت خريد 143 رپيا 50 پئسا جڏهن ته وڪري جي قيمت 144 رپيا آهي،اهري طرح سعودي ريال جي قيمت خريد 38 رپيا 20 پئسا جڏهن ته وڪري واري قيمت 38 رپيا 35 پئسا آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته طئي ٿيل ڪرنسي ريٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪمپنين سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي،مارڪيٽ کان وڌيڪ وڪرو ڪندڙ ايڪسچينج ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

You might also like