حڪومت ڊپٽي سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ڊپٽي سينيٽ چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. مخالف ڌر جي پارٽين طرفان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف به ميدان تي اچي وئي آهي ۽ پنهنجي اتحادين سان گڏجي پ پ سان تعلق رکندڙ ڊپٽي سينيٽ چيئرمين سليم مانڊوي خلاف خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڊپٽي سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. بي اعتمادي رٿ تي تحريڪ انصاف، اتحادي پارٽين ۽ آزاد سينيٽرن جي 11 ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن.

You might also like