سلينڊر بم تي سرڪاري لاپرواهي، ڪشمور حادثي ۾ ماءُ ۽ ٻارن سميت 5 حياتيون ضايع، 8 سڙي زخمي

ڪشمور/ ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي+  عرفان علي کوسو ) گاڏين ۾ بم بڻيل گيس سلينڊرن بابت سرڪاري لاپرواهي سبب وڌيڪ 5 حياتيون زيان ٿي ويون. ڪشمور ٽول پلازه وٽ ويگن گئس سيلنڊر ڦاٽڻ  سبب گاڏي کي باهه لڳي وئي هڪ خاندان جي ماءُ پٽ ۽ ڌي   سميت 5 ڄڻا سڙي فوت  8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سلينڊر ڦاٽن سبب  گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي. گوليمار جي علائقي واسي امڙ منظوران خاتون سندس معصوم پٽ 6 سالن جو هزار خان چاچڙ، نياڻي ڪائنات ۽ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ ٻه عورتون لال خاتون، سرداران خاتون موقعي تي سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته گاڏي ۾ سوار زاهد حسين عارباڻي، مجيد چاچڙ، معشوق شيخ، مسمات گلان شيخ،صاحب داد سڙي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا پيا.  ويگن ۾ ويٺل ڊائيور ۽ ڪجهه مسافر پاڻ  کي اڇلائي بچائي ورتو جنهن بعد ڊائيور فرار ٿي ويو  ڪشمور جي انتظاميا پنهنجي روايت کي برقرار رکندي دير سان پهتي علائقي واسين انسانيت جي ناتي سان امدادي ڪم ڪندي باهه تي ڪنٽرول ڪري زخمين کي گاڏي مان ٻاهر ڪڍي ڪري  اسپتال پهچايو . ڪشمور جي اسپتال  ۾ جيڪا سهولت هئي انهي تحت  زخمين  جو علاج ڪري روانو ڪيو ويو جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول بڻجي ويو اهڙي واقعي جو وڏي وزير  سيد مراد علي شاھ   نوٽيس ڪمشنر لاڙڪاڻي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. 03

ايمبولينس لاءِ تيل اڻلڀ،اسپتال ملازم غائب،  عملو عدالت طلب 

ڪشمور: وين ۾ باھ لڳڻ سبب ڪشمور ڪورٽ جي اسٽاف ريڊر عبدالمجيد چاچڙ ۽ ڪلارڪ زاھد علي زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاء سول اسپتال آندو ويو زخمين جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ  ايڊيشل سيشن جج ڪشمور محمد اسلم چانڊيو سول اسپتال پھتو ته اسپتال ۾ ھڪ ڊاڪٽر کان سواءِ  ٻيو ڪو به عملو موجود نه ھو انچارج ايڊيشنل سيشن جج محمد اسلم چانڊيو سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اسپتال عملي کي عدالت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. سخت زخمين کي جڏهن ايمبو لينس ۾ رکيو ويو ته ايمبولينس ۾ پيٽرول ڪو نه ھو . ان موقعي تي سينئر سول جج محمد اسلم چانڊيو پنهنجي کيس مان تيل جا پيسا ڏيئي ايمبولينس رواني ڪئي.03

انتظاميا حادثي بعد جاڳي، وينن خلاف وٺ پڪڙ، 6 دڪان سيل

 ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ڊپٽي ڪمشنرڪشمور ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي پاران ڪشمور ڀرسان مسافر ويگن ۾ سلينڊر ڌماڪي جو نوٽيس وٺڻ بعد ضلعي اندر پوليس جي مدد سان ايل پي جي تي ھلندڙ گاڏين ۽ دڪاندارن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي،  ڪنڌڪوٽ ۾ 6 ايل پي جي دڪان سيل ڪيا ويا آهن جڏهن ڪنڌڪوٽ بس اسٽينڊ تان انتظاميا 20 مسافر ويگنون تحويل ۾ وٺي گئس سلينڊر لاھي ڇڏيا آهن ۽ مسافر ويگنن کي چالان ڪيو ويو آهي،ان سلسلي ۾ ڊي سي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ سان ڳاله ٻوله دوران ان ٻڌايو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي 5 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن ان چيو ته ڏکايل خاندان جي ڏک ۾ اسين برابر جا شريڪ آهيون هن چيو ته مسافر ويگنن خلاف آپريشن جاري آهي ايل پي جي تي هلندڙ مسافر ويگنن تي پابندين جي باوجود هنن قانون کي باءِ پاس ڪيو. 03

ٺٽي جي مسافر گاڏين ۾غيرمعياري سلينڊر موت جو سامان بڻيل

ٺٽو (رپورٽ : شبير ڀٽي)  ٺٽي جي مسافر گاڏين ۾غيرمعياري سئلينڊر موت جو سامان بڻيل، هزارين زندگين کي خطرو!، خبر موجب ٺٽي ضلعي اندر ھزارن جي تعداد ۾مسافر کڻندڙ گاڏين جنھن ۾ وينن، سوزڪي، ڪوچ، ڪوسٽر ۾غير معياري ۽ اڻ رجسٽرڊ ڪمپنين جون سي اين جي ڪٽ ۽ گئس سئلينڊر استعمال ڪيا پيا وڃن، ٺٽي کان حيدر آباد روڊ، بدين ۽ ٺٽي کان ڪراچي روڊ تي ھلندڙ مسافر وين سروس موت جو سامان پاڻ سان گڏ کڻي سفر ڪري ٿي، ساڳئي روڊ تي ھلندڙ ٽئڪسي سروس ۾ پڻ خطرو برقرار آھي، اھڙي ريت ٺٽي ضلعي جي مختلف روڊن تي سي اين جي گاڏين جو تيزي سان واڌارو اچڻ بعد ڪنھن به وقت ڪنھن جاني ۽ مالي تباھي جو خطرو برقرار آھي، سي اين جي گاڏين ۾گئس سئليندر ڌماڪي سان ڦاٽي پوڻ جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آھن جن ۾ ڪافي انساني زندگيون پڻ متاثر ٿيون آھن، معلوم ٿيو آھي ته اھڙين گاڏين تي نظرثاني توڙي قانوني ڪارروائي عمل ۾آڻڻ لاءِ سنڌ سرڪار طرفان جوڙيل ڊسٽرڪٽ رينجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ٺٽي ضلعي ۾غير فحال ٿي وئي آھي، جنھن ڪري ھر روز ھزارن جي تعداد ۾ سفر ڪندڙ انساني زندگيون منافعي بخش ٽرانسپورٽر ڪمپنين حوالي ٿيل آھن. جن بااثر ٽرانسپورٽ ڪمپنين توڙي انساني زندگين سان کيڏندڙ ٽرانسپورٽر ھن حوالي سان سنڌ سرڪار جي ڏنل خاص ھدايتن توڙي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو آھي. ھوڏانھن سنڌي ادبي سنگت جي رمضان ميمڻ، سنڌ ڪلچرل فورم جي صادق لاکو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھه، عوامي تحريڪ جي مٺا خان لاشاري، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر آصف جوکيو، شھيد دولھه درياءَ خان ادبي فورم جي غلام نبي خشڪ، عوامي رابطا تحريڪ جي سرور پليجو، تنزيلا خاصخيلي، امجد پليجو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي جاويد لطيف ميمڻ، ن ليگ جي غلام عباس عطائي، طالب عطائي، ٺٽو شھري اتحاد جي جاويد غني ۽ ٻين عوامي آواز سان پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ سي اين جي تي ھلندڙ گاڏيون انساني زندگين لاءِ موت جو راڪاس آھن، ڇو ته منافعي خور ٽرانسپورٽر غير معياري ڪٽ ۽ سئلينڊر گاڏين ۾ فٽ ڪرائي انساني زندگين سان کيڏي رھيا آھن،

ڪافي ڀيرا اھڙيون ڪٽ ۽ سئلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ ڪري انساني زندگين کي موت جو کاڄ بڻايو آھي ۽ ڪيتريون ئي زندگيون اپاهج بڻجي ويون آھن، ھنن چيو ته ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جو چئيرمين ڊي سي ٺٽو آھي، جنھن کي حرڪت ۾ اچڻ گھرجي، اھڙين گاڏين خلاف فورن ڪارروائي ڪري انساني زندگين کي محفوظ بڻايو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ناقص سلينڊر وارين گاڏين خلاف ڪارروائي نه ٿي

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻو انتظاميه وين توڙي بسن ۾ لڳل غيرمعياري گئس سلينڊرن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام، انتظاميه توڙي آر ٽي سيڪريٽري ڪو به تحرڪ نه ورتو، ڪنهن وقت به انساني جانين کي نقصان ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. جڏهن ته عدالتي حڪم تي به انتظاميه عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد نعمان صديق عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ به ويگنن ۽ بسن ۾ لڳل سلينڊرن خلاف ڪاروائي ڪئي هئي ۽ هاڻ به ڪاروائيون ڪنداسين. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي آر ٽي سيڪريٽري لاڙڪاڻو قرت العين گاد ٻڌايو ته ويگنن توڙي بسن ۾ لڳل گئس سلينڊرن خلاف ڪاروائي جاري آهي ۽ ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن. رابطي ڪرڻ تي ٽريفڪ سارجنٽ ٽو عبدالوحيد ابڙو ٻڌايو ته وينن ۽ بسن مان گئس سلينڊرن کي ختم ڪرڻ جو ڪم آر ٽي سيڪريٽري جو آهي، اسان جو ان ۾ ڪو به عمل دخل آهي. باقي ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي شهرين، ويگنن توڙي بسن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جو چوڻ آهي ته فوري طور تي ويگنن ۽ بسن مان موتمار گئس سلينڊرن کي فوري طور ختم ڪرائي اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

You might also like