حڪومت عوام کي گڏ رکڻ ۾ ناڪام رهي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪشمير جي حرمت جي لاءِ پاڪستان جو ٻار ٻار قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي پر اسان جو مهاڏو نااهل حڪومت سان اٽڪيو آهي جيڪا ان اهن موقعي تي ماڻهن کي گڏ رکڻ ۾ ناڪام رهي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته ڀارت جو هڪطرفي طور اِهو قدم کنيو جنهن جي هن کي 72 سالن ۾ جرعت نه ٿي سگهي، مودي سرڪار گڏيل قومن جي ٺهرائن جي فيصلي کي گند پيٽي ۾  اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارتي آئين سان آرٽيڪل 370 ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي وئي، ڀارت جي ايتري وڏي قدم جو ذڪر ٺهرائن ۾ نه ٿيڻ تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو.

 احسن اقبال جو چوڻ هو ته اسان گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊرن کي به مسئلو ناهي بڻايو پر اسان جي لاءِ حڪومت جو پيش ڪيل ٺهراءَ قبول ڪرڻ جوڳو نه هو، حڪومت مخالف ڌر جي احتجاج کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته حڪومت ايوان کي روهائڻ چاهي ٿي ته ان جو فيصلو آهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان اسيمبلي  جو ڪشمير جي لاءِ خاص اجلاس گهرايو ويو، اسان ڄاڻڻ چاهيون ته ڀارت جي قدم کي ٺهراءَ ۾ ڪنهن لڪايو، ڪارروائي شروع ٿي ته وزير اعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايوان ۾ موجود نه هئا، ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته وزير اعظ۾ جي لاءِ ان کان وڏي مصروفيت ٻي ڪهڙي آهي؟

احسن اقبال چيو ته معاملي تي پرڏيهي سفيرن کي گهرائي ريڊ فليگ بلند ڪندو ڪيو ويندو ته پاڪستان جو موقف ان تي هي آهي، ڀارت ۾ پرڏيهي سفيرن کي بريفنگ ڏني وئي، پاڪستان ۾ ائين ناهي ڪيو ويو، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پرڏيهي وزير خاص جهاز تي اچي پارليامينٽ ميمبرن کي بريفنگ ڏئي واپس حج تي هليو وڃي ها.

هن چيو ته وزير اعظم چوندو هو ته آمريڪا مان ورلڊ ڪپ کٽي آيو آهيان، وزير اعظم جي دوري جو نتيجو اِهو آهي ته ڀارت ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي؟ جڏهن ته ڀارت فيبروري ۾ ئي آمريڪا کي پنهنجي قدم کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو.

You might also like