راهول گانڌي کي خبر پئجي وئي ته ڪشميرين سان ڇا ٿي رهيو آهي…

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي اڳوڻي صدر راهول گانڌي چيو آهي ته مان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي سخت انتظاميا ۽ ان تي ٿيندڙ ظلمن جو عملي تجربو ڪيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ راهول گانڌي لکيو ته 20 ڏينهن ٿي ويا ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي ۽ شهري حق غصب ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته گذريل ڏينهن اسان سرينگر جو دورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اپوزيشن ليڊرن ۽ پريس ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي سخت انتظاميا ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن جو عملي تجربو ڪيو.

You might also like