گوگل پڪسل 4 جا سمورا تفصيل وقت کان اڳ ليڪ ٿي ويا

ڪيليورنيا (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن ڪنهن سمارٽ فون کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ليگ ٿيندڙ قرار ڏنو وڃي ته اهو اعزاز  امڪاني طور تي گوگل جي پڪسل 4 وٽ ويندو.

حقيقت ۾ ائين لڳندو آهي ته ان فون بابت روز ڪا نه ڪا ليڪ سامهون ايندي آهي جيئن فيسبڪ آءِ ڊي، گاڏي جي حادثي کي پڪڙڻ، اپ ڊيٽڊ ريڪارڊ ايپ ۽ ٽچ ليس جيسپر، پر هاڻ ته ان سڀئي سپيسي فيڪيشن به سامهون اچي ويا آهن.

نائن ٽو 5 گوگل جي رپورٽ موجب آفيشل اسپيسيفڪيشن مان خبر پوي ٿي ته ان فون ۾ سنيپ ڊراگون 855 پراسيسر، 6 جي بي ريم ۽ 90 هرٽز ڊسپلي واهپيدارن کي دستياب هوندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: گوگل جي سمارٽ جيڪٽ

پيڪسل 4 ۽ پيڪسل 4 ايڪس ايل ۾ وڏو فرق ڊسپلي سائيز ۽ بيٽري جو هوندو يعني پيڪسل فور 5.7 انچ جڏهن ته پڪسل فور ايڪس ايل 6.3 انچ ڊسپلي سان ليس هوندو جڏهن ته پڪسل فور ۾ 2800 ايم اي ايڇ او پڪسل فور ايڪس ايل ۾ 3700 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني ويندي.

ٻنهي فونن ۾ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج جو آپشن هوندو.

ٻنهي ڊيوائيسز ۾ هڪ نئين شيءَ پڪسل نيورول ڪور به هوندو جيڪو پڪسل ويزول ڪور جو نئون نالو لڳي ٿو جيڪو پڪسل 3 ۾ ڏنو ويو هو .

اهو اميجنگ چپ پڪسل فون ۾ گھٽ روشني ۾ بهترين تصويرون ۾ مدد ڏيندي آهي اميد ڪري سگھجي ٿي ته نئين فونن ۾ اها صلاحيت اڳ کان وڌيڪ بهتر هوندي.

جيڪڏهن فون جي دٻي جي ڳالهه ڪجي ته ان ۾ يو ايس بي سي ڪيبل، 18 واٽ يو ايس بي سي پاور اڊاپٽر، هڪ ڪوئيڪ سوئچ سم ٽول ۽ هڪ ڪوئيڪ اسٽارٽ گائيڊ هوندي، پر ايئر فون نه ڏنو ويندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: پهريون عرب خلاباز  ڪامياب خلائي سفر تان موٽي آيو

هاڻ پڪسل فور سيريز جي فونز بابت لڳي ٿو ته ڪي نوان تفصيل ناهن بچيا ۽ 15 آڪٽوبر تي ان کي لانچ ايونٽ ۾ حقيقت ۾ ڪجهه نئون ڏيکارڻ بدران ان جي فيچرز جو مظاهرو ئي هوندو.

ايتري تائين  جو ڪمپني پاڻ به ان فون جي ڪجهه فيچرز کي وقت کان اڳ ئي ليگ ڪري ڇڏيو هو جهڙوڪ نئين راڊار ٽيڪنالوجي جيڪا ٽچ اسڪرين کي ڇوهڻ کان سواءِ مختلف حرڪت ڪرڻ ممڪن بڻائيندي.

پهريون ڀيرو ان سيريز ۾ بيڪ تي 2 يا ان کان وڌيڪ ڪيمرائون ڏنيون پيون وڃن، ان کان اڳ گذريل سال پڪسل ٿري ايڪس ايل جي فرنٽ تي 2 ڪيمرائون هيون پر بيڪ تي هڪ ئي ڪيمرا ڏني وئي هئي.

ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته گوگل هاڻ به ڪجهه سرپرائيز فيچر ڳجها رکيا آهن.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.