ساک کي نقصان رسائڻ تي آمريڪا” گوگل“ خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي انصاف واري کاتي گوگل خلاف ڪاروباري معاملن ۾ اعتماد کي ڇيهو رسائڻ تحت جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي انصاف واري کاتي گوگل خلاف سرچنگ ذريعي بزنس کي هٿي وٺرائڻ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي سندس خلاف جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

گوگل خلاف جاچ جو اهو فيصلو سرچ انجڻ ذريعي ٿيندڙ واپاري سرگرمين ۾ هيرا ڦيري جو الزام سامهون اچڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي، ڪيئي اهم پروڊڪٽ سرچ دوران واهپيدارن جي پهچ کان محروم رهجي ويندا آهن جڏهن ته ڪجهه غيرمعياري پروڊڪٽ سرفهرست نظرايندا آهن.

ان کان اڳ 2011ع ۾ به آمريڪي اداري فيڊرل ٽريڊ ڪميشن واپاري ڪمپنين کي نقصان پهچائڻ تي گوگل خلاف جاچ جي شروعات ڪئي هئي پر گوگل طرفان پاليسي ۾ تبديلي جي خاطري ڪرائڻ تي جاچ ختم ڪئي وئي هئي.

آمريڪا کان اڳ يورپي يونين به گوگل خلاف هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ گوگل کي نه رڳو لکين پائونڊ جو ڏنڊ ادا ڪرڻو  پيو پر رڳو ان خطي لاءِ گوگل ڪروم ۽ اينڊرائيڊ سرچنگ کي ڌار ڪيو ويو هو.

آمريڪي انصاف واري کاتي جي هڪ اهم عملدار وال اسٽريٽ جرنل کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته کاتي وٽ آمريڪي ڪمپنين کي مالي نقصان پهچائڻ جا پڪا ثبوت موجود آهن ۽ هاڻوڪي انڪواري 2011ع ۾ ايف ٽي سي طرفان ڪيل جاچ جي وانگر بنا نتيجي ختم نه ٿيندي.

You might also like