عليمه باجي ۽ جهانگير ترين لاءِ خوشخبري اچي وئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ)مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عليمه باجي، جهانگير ترين لاءِ وڏي خوشخبري، سڄو لٽيل مال غيرقانوني جائيدادون حلال؟ عمران خان پي ٽي آءِ جي پڪڙيل 18 جعلي اڪائونٽس کي ايمنسٽي ڏني آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب! جنهن ايمنسٽي مان عليمه باجي فائدو ورتو، ان ۾ ۽ هن ۾ ڪهڙو فرق آَهي؟ عمران صاحب! توهان اسان جي منصوبن ۽ اسڪيمن جي ڪاپي ته ڪري رهيا آهيو، عمران صاحب ن ليگ جي ايمنسٽي حرام ۽ توهان جي نقل ڪيل ايمنسٽي حلال؟عمران خان ايمنسٽي تي به يوٽرن وٺي ڇڏيو

You might also like