بهتر معاشي پاليسين سان ملڪي معيشت مضبوط ٿي ويندي: حفيظ شيخ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته اسان ماضيءَ جو قرض لاهڻ لاءِ نئون قرض حاصل ڪري رهيا آهيون، اسان خرچ گهٽ ڪرڻ جي پاليسي تي تيزيءَ سان عمل ڪري رهيا آهيون. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حفيظ شيخ چيو ته اسان سويلين حڪومت جو خرچ 50 ملين گهٽ ڪيو آهي. هن چيو ته اسان فوج جي خرچن ۾اضافو نه ڪيو آهي، اسان گريڊ 20 جي آفيسرن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو آهي، اهو فيصلو فوجي آفيسرن تي به لاڳو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته اسان کي بجلي جي اگهن ۾ به اضافو ڪرڻو پوندو آهي، جيڪڏهن بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته اسان بجلي گهٽ استعمال ڪندڙن لاءِ بجيٽ ۾ 200 ارب رپيه رکيا آهن. حفيظ شيخ چيو ته پاڪستان جي صورتحال نهايت الارمنگ آهي، ترقي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، اسان مشڪل فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سڀ پڇن ٿا ته اسان آءِ ايم ايف وٽ ڇو وياسين، اسان تنهن ڪري وياسين جو آءِ ايم ايف گهٽ وياج تي قرض ڏيندو آهي، آءِ ايم ايف جي ماتحت ادارن کان وڌيڪ ٻه ٽي ارب ڊالر ڪري سگهون ۽ دنيا کي ٻڌائي سگهون ته اسان سڌارا آڻي سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته اهو ممڪن ناهي ته ڪجهه ڪمپنيون 80 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪن، 50 ملين بئنڪ اڪائونٽن مان رڳو هڪ ملين ٽيڪس ادا ڪن، هاڻي اهوممڪن ناهي، اسان پنهنجي خرچن ۽ آمدني جي گيپ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.