گهوٽڪي ضلعي جي اهم سياسي شخصيت، وفاقي وزير علي محمد مهر لاڏاڻو ڪري ويو

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو/خانپور مهر (ڊ ر+نمائندا) اينٽي نارڪوٽڪس جو وفاقي وزير ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سردار علي محمد مهر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. گهوٽڪي ضلعو سوڳ ۾ بند ٿي ويو. علي محمد خان مهر کي اڄ خان ڳڙهه شريف ۾ پنهنجي گهر ۾ صبح جو اٽڪل 10 وڳي دل جو دورو پيو، علي محمد مهر جي وفات جي خبر پوڻ سبب گهوٽڪي ضلعي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، خان پور مهر، شاهه پور مهر،گهوٽڪي سميت ضلعي جا اڪثر شهر سوڳ ۾ بند ٿي ويا، سردار علي محمد خان مهر جي وڇوڙي جي خبر پوڻ بعد گهوٽڪي ضلعي مان وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻ، شهري توڙي ڳوٺاڻا مهر برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ خان ڳڙهه مرحوم سردار علي محمد خان مهر جي رهائش گاهه پهچي ويا جتي انتهائي ڏک روڄ راڙي وارو ماحول آهي مرحوم سردار علي محمد خان مهر جو وڏو ڀاءُ ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر ، پ پ ايم پي اي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر، ڊسٽرڪٽ چيئرمين گهوٽڪي حاجي خان مهر، اڳوڻو ايم پي اي رحيم بخش خان بوزدار ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ فوري طور مرحوم سردار علي محمد خان مهر جي گهر پهچي ويا، سردار علي محمد خان مهر جي وفات تي سندس گهر ۾ تڏو وڇايو ويو آهي جتي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جنازي نماز خان ڳڙهه جي گوهر پئلس ۾ 9 وڳي ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ميان خالد سلطان پڙهائي، مرحوم سردار علي محمد خان مهر جي جنازي نماز ۾ ايم اين اي غوث بخش خان مهر، گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي شهريار مهر ،ايم پي اي شهريار شر،بابر لنڊ، فياض خان لنڊ، ايم پي اي علي گوهر مهر ،ايم پي اي راجا خان مهر ،صوبائي صلاحڪار محمد بخش خان مهر، ميرافتخارلنڊ، صحافي اقبال ملاح، لالا رحمان سمون ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت مهر برادري جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.0330

علي محمد مهر هڪ پٽ، 7 نياڻيون ۽ بيواه سوڳوار ڇڏي

خان پور مهر: مرحوم سردار علي محمد خان مهر سوڳوارن ۾ هڪ پٽ سردار احمد علي خان مهر جيڪو ٽائون ڪاميٽي خان ڳڙهه جو چيئرمين پڻ آهي، ان سميت 7 نياڻيون ۽ هڪ بيواهه سوڳوارن ۾ ڇڏيا آهن جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوهر خان مهر کان ننڍو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي راجا خان مهر کان وڏو ڀاءُ هو.0330

علي محمد مهر 1995ع ۾ پارلياماني سياست ۾ آيو، مشرف دور ۾ وڏو وزير بڻيو

خان پور مهر: سردار علي محمد خان مهر 12 جنوري 1967 ۾ خان ڳڙهه ۾ علي انور خان مهر جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم بهاول پور جي صادق پبلڪ اسڪول مان حاصل ڪيائين، 1995 ۾ سردار علي محمد خان مهر پنهنجي چاچي مرحوم سردار غلام محمد خان مهر جي وفات بعد سندس خالي ڪيل سيٽ تي پ پ جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيروايم اين اي چونڊيو، 2002ع واري اليڪشن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان آزاد حيثيت ۾ منتخب ٿي بعد ۾ ق ليگ جي پليٽ فارم تان وزيراعلي سنڌ چونڊيوجيڪو تقريبن 2سال ان عهدي تي رهيو،2007ع واري اليڪشن آزاد حيثيت سان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو،2013ع جي اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، مرحوم سردار علي محمد خان مهر 2018ع واري اليڪشن ۾ آزاد حيثيت ۾ اين اي 201تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو ،۽ کيس وفاقي وزيربڻائي اينٽي نارڪوٽڪس جوقلمدان ڏنو ويو.0330

وزيراعظم، صدر، بلاول، آصف ۽ شاهه محمود پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري ۾ 51 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ کان اپريل دوران سڌي غير ملڪي سيڙپڪاري هڪ ارب 37 ڪروڙ 61 لک ڊالر رهي جڏهن ته گذريل مالي سال دوران انهي عرصي ۾ 2 ارب 84 ڪروڙ 91 لک ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي،مرڪزي بئنڪ مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ پورٽ فوليو سيڙپڪاري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 200 سيڪڙو گهٽ رهي، جولاءِ کان اپريل دوران پرڏيهي سيڙپڪارن اسٽاڪ مارڪيٽ مان 40 ڪروڙ 81 لک ڊالر ڪڍي ڇڏيا،جڏهن ته  هلندڙ مالي سال دوران امريڪا سان ٻه طرفو واپاري توازن پاڪستان  جي حق ۾ رهيو آهي، مالي سال جي پهرين  9 مهينن ۾ امريڪا ڏانهن پاڪستاني اسمن جي روانگي واپار ۾ 5.462 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like