رپورٽ: گهوٽڪي: پ پ دوکو ڏيندڙن کي اهميت ڏئي مون کي عهدي تان هٽايو آهي: لطيف شاهه

رپورٽ: گهوٽڪي: پ پ دوکو ڏيندڙن کي اهميت ڏئي مون کي عهدي تان هٽايو آهي: لطيف شاهه
رپورٽ: گهوٽڪي: پ پ دوکو ڏيندڙن کي اهميت ڏئي مون کي عهدي تان هٽايو آهي: لطيف شاهه

 

پ پ گهوٽڪي ضلعي جي هٽايل صدر سيد لطيف شاهه چيو آهي ته پارٽي ۾ دوکو ڏيندڙن کي اهميت ڏني پئي وڃي، عهدي تان هٽائڻ تي ڏک ناهي.

گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد لطيف شاهه چيو ته هن پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ڪنهن کي به ميمبرشپ تان هٽائڻ جي طاقت نه آهي.

هن چيو ته ڄام سيف الله کي آڱر کان وٺي پيپلز پارٽي ۾ آندو، هُن پارٽي کان فائدا ورتا.

سيد لطيف شاهه چيو ته ڄام سيف الله ڌاريجو پيپلز پارٽي سان دوکو ڪيو پارٽي اميدوار خلاف گهٽ وڌ ڳالهايو، پر ان کي واپس اچڻ لاءِ منٿون ڪيون ويون.

هن چيو ته جتي عزت نه هجي اتي عهدا اهميت نه رکندا آهن، عهدي کان هٽائڻ تي ڪو ڏک نه آهي.

سيد لطيف شاهه چيو ته ننڍي چونڊ بابت اجلاسن ۾ گهرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، هو پاڻ وڃي به عزت خراب نه ڪندو………………………..