رپورٽ: گهوٽڪي: مخالف پتڪڙا گڏا آهن جيڪي ٻين جي هٿن ۾ کيڏن پيا: محمد بخش مهر

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: گهوٽڪي: مخالف پتڪڙا گڏا آهن جيڪي ٻين جي هٿن ۾ کيڏن پيا: محمد بخش مهر” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190712M Mahar Pkg-10.mp4″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”3

 

اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته گهوٽڪي جا مخالف سياستدان پتڪڙا گڏا آھن جيڪي ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آھن، اصل راند ڪٿي ٻئي هنڌ کيڏي پئي وڃي۔ پر هو نيازي حڪومت کي واضح ٿو چوي ته نه واڪ اوور ٿيندو ۽ نه ئي ميچ ڊرا ٿيندي ۔

گهوٽڪي جي شيخ پاڙي ۾ چونڊ مهم وقت خطاب ڪندي محمد بخش مهر چيو ته ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ مخالف ٽيم اڄ ئي مئچ فڪس ڪرڻ جي چڪر ۾ آھي پر کين خبر ڪونهي ته فتح حق ۽ سچ جي ئي ٿيندي ۽ ٻھروپ ڪردارن کي شڪست ملندي ۔

سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته عوام جي عدالت ۾ ھو ڪامياب ٿي چڪو آھي ۽  عدالت سڳوري ۾ فيصلو محفوظ  ٿي چڪو آھي، کيس عدالت ۾ انصاف جي پوري ريت پڪ آهي.

سندس چوڻ ھو ته هو اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن اپيليٽ ٽريبيونل ۾ امين ۽ صادق اڳ ئي ثابت ٿي چڪو آھي ۽ ايندڙ فيصلي ۾ به هو سرخرو ٿيندو……………….

 

 

You might also like