رپورٽ: گهوٽڪي: جي يو آءِ ف پاران ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار محمد بخش مهر جي حمايت جو اعلان

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: گهوٽڪي: جي يو آءِ ف پاران ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار محمد مهر جي حمايت جو اعلان
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: گهوٽڪي: جي يو آءِ ف پاران ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار محمد مهر جي حمايت جو اعلان

 

جمعيت علماءِ اسلام گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي پ پ جي اميدوار محمد بخش مهر جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ان سلسلي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالقيوم هاليجوي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پنهنجن مقامي اڳواڻن سان  گڏ گهوٽڪي جي مقامي مدرسي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي

ان موقعي تي مولانا محمد اسحاق لغاري پ پ اميدوار محمد بخش مهر جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته محمد بخش مهر جي حمايت جي سلسلي ۾ پ پ سان معاهدو ٿيو آهي جنهن تحت اين اي 205 تي جميعت طرفان محمد بخش مهر جي ڪاميابي جي لاءِ چونڊ مهم هلائيندا

مولانا عبدالقيوم هاليجوي چيو ته جمعيت طرفان مڪمل طور تي محمد بخش مهر جي حمايت ڪيون ٿا ۽ ڪارڪن  ”تير”جي نشان کي “ڪتاب”سمجهي ووٽ ڏين ۽ محمد بخش مهر جي چونڊ مهم پڻ هلائين،

ان موقعي تي نثار احمد کهڙو جمعيت علماءِ اسلام طرفان حمايت ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پارٽين جو پاڻ ۾ جڙڻ جمهوري عمل آهي، اسان نه صرف گهوٽڪي لاڙڪاڻو پر ملڪي سطح تي پڻ گڏ آهيون…………………

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.