رپورٽ: گهارو: شهرين پاران سماجي براين ۽ نويد ڪڇي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: گهارو: شهرين پاران سماجي براين ۽ نويد ڪڇي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: گهارو: شهرين پاران سماجي براين ۽ نويد ڪڇي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

گهاري ۾ سول سوسائيٽي پاران سماجي برائن ۽ نوجوان نويد ڪڇي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مقتول نويد جي وارثن ۽ سول سوسائيٽي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر ۾ سماجي براين جو آزار وڌي ويوآهي.  جنهن سبب نوجوان نسل تباهيءَ طرف ڌڪجي رهي آهي.

هنن چيو رته نويد ڪڇيءَ جي قتل کي هفتو گذري ويو  پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري ڪاجاچ ڪرڻ ۾ سنجيده آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نويد جا قاتل گرفتار ڪري شهر مان سماجي برائن جو خاتمو آندو وڃي.

 

You might also like