گهانا ۾ اغوا ٿيل ٻه ڪينيڊين ناريون آزاد

 

اڪرا (ويب ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ گهانا جي فوج انهن ٻن اغوا ٿيل ڪينيڊين نارين کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، جن کي گذريل هفتي پنهنجي هاسٽل ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو.

اغوا جي اها واردات گهانا جي ٻئي وڏي شهر ڪُوماسي ۾ ٿي هئي، جڏهن ته گهانا حڪومت نارين جي آزادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

نارين جي عمر 19 ۽ 20 ورهين جي وچ ۾ آهي، جيڪي هڪ خيراتي اداري يوٿ چئلينج انٽرنيشنل سان سلهاڙيل آهن.

گهانا حڪومت نارين کي اغوا ڪندڙن جي حوالي سان ڪي تفصيل جاري ناهن ڪيا.

You might also like