گھر ۾ موجود اهي غير ضروري شيون جيڪي نقصانڪار ثابت ٿين ٿيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ماڻهو پنهنجي گھر کي گھڻي سامان سان ڀري ڇڏيندا آهن  جنهن جو مقصد ضرورت وقت ڪنهن شيءِ جي موجودگي، گھر کي خوبصورت بڻائڻ ۽ سهولت پيدا ڪرڻ هوندو آهي.

پر انهن مان ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي نقصان ڏيندڙ بڻجي وينديون آهن ماهر اهڙين شين کي گھر ۾ نه رکڻ جي تجويز ڏيندا آهن. اچو ڄاڻيو ٿا ته اهي ڪهڙيون شيون آهن جيڪي اوهان جي گھر ۾ موجود آهن ۽ اوهان کي نقصان پهچائي سگھن ٿيون.

پلاسٽڪ جا ڊٻا

پلاسٽڪ جا دٻا ڪچن ۽ فرج ۾ مختلف شيون محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا آهن پر اهي دٻا اوهان جا قاتل به بڻجي سگھن ٿا.

 جيڪڏهن اوهان  جي گھر ۾ موجود پلاسٽڪ جي دٻن تي پي سي لکيل هجي ته اهڙن دٻن کي سوچڻ کان سواءِ اڇلائي ڇڏيو.

پي سي جو مطلب آهي پولي ڪاربونيٽ، ان عنصر ۾ هڪ زهريلو ڪيميڪل بسفينول اي (بي پي اي) شامل ڪيو ويندو آهي. اهو ڪيميڪل دل جي مرض، بلڊ پريشر جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

تنهنڪري پلاسٽڪ جي اهڙن دٻن جي جاءِ تي اوهان شيشي جي دٻن جو استعمال ڪري سگھو ٿا.

 

ايئر فريشنر

گھر کي خوشبودار بڻائيندڙ ايئر فريشنر ۾ گھڻا ڪيميڪلز موجود هوندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو ان جي خوشبو ڊگھي وقت تائين موجود رهندي آهي. مستقل ايئر فريشنر جو استعملا اوهان جي صحت لاءِ خطرا پيدا ڪري سگھي ٿو.

تنهنڪري خوشبو لاءڪمرن اندر گلن وارا ٻوٽا گھر ۾ رکي سگھجن ٿا. گلاب جا تازا گل به ڪمري کي خوشبودار ڪندا آهن.

 

پراڻو ٽوٿ برش

ٽوٿ برش گھٽ عرصو استعمال ڪريو، استعمال ٿيل ٽوٿ برش ۾ گھڻا جراثيم موجود هوندا آهن. ماهرن موجب هر 3 کان 4 مهينن بعد ٽوٿ برش تبديل ڪرڻ گھرجي ڀلي اهو بهتر حالت ۾ ئي ڇو نه هجي.

ماهرن موجب جڏهن اسان بخار، نزلي، زڪام يا ٻي ڪنهن بيماري دوران ٽوٿ برش استعمال ڪندا آهيون ته بيماري جا جراثيم برش م به پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن.

صحتمند هجڻ کان پوءِ اهو ئي ٽوٿ برش ٻيهر استعمال ڪرڻ ان بيماري کي واپس موٽائڻ جي برابر آهي.

 

پراڻا ڪپڙا

پراڻا ۽ غير ضروري ڪپڙا گڏ ڪري رکڻ بيوقوفاڻو عمل آهي. جن ڪپڙن جي اوهان کي ضرورت نه هجي اهي ڪنهن ضرورت مند کي ڏئي ڇڏيو.

غير ضروري ڪپڙا رکڻ سان اوهان جو دماغ اوهان کي اهو تاثر به ڏيندو آهي ته اوهان وٽ گھڻا ڪپڙا موجود آهن ۽ اوهان کي خريداري ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

اهو دوکو ان وقت اوهان کي ڏکيائي ۾ وجهي سگھي ٿو جڏهن اوهان کي خبر پوي ته ڪنهن اهم موقعي لاءِ اوهان وٽ واقعي ڪو مناسب لباس موجود ناهي.

 

پلاسٽڪ جا ڪٽنگ بورڊ

ڪٽنگ يا چوپنگ بورڊ ڀاڄيون ڪاٽڻ جي عمل ۾ سولائي پيدا ڪندا آهن پر جيڪڏهن اهي پلاسٽڪ جا هجن ته اوهان جي ڪاٽيل ڀاڄين ۾ جراثيم منتقل ڪري سگھن ٿا.

هر ڀيري پلاسٽڪ جي ڪٽنگ بورڊ تي ڇري سان رهڙ لڳندي آهي ۽ پوءِ  ان ۾ جراثيمن جي رهڻ لاءِ هڪ نئين جاءِ پيدا ٿي ويندي آهي.

پلاسٽڪ بدران ڪاٺي جا ڪٽنگ بورڊ استعمال ڪريو. ڪاٺي قدرتي طور تي اينٽي بائيوٽڪ خاصيتون هونديون آهن تنهنڪري ان تي ڪاٽيون ويندڙ ڀاڄين سان اوهان هڪ صحتمند کاڌو تيار ڪري سگھو ٿا.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.